عدالت جامي کي حميد هارون خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فلمساز جمشيد محمود المعروف جامي کي ڊان جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر حميد هارون خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ جسٽس آغا فيصل جامي کي 12 فيبروري جو نوٽيس جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ان عرصي ۾ هو حميد هارون خلاف ڪنهن به قسم جا ڪريل بيان نه ڏيندو. ياد رهي ته حميد هارون 29 جنوري تي پنهنجي وڪيل معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ ڄاڻايو هو ته جامي طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن ۽ اهڙا الزام منهنجي عزت کي نقصان پهچائڻ لاءِ هنيا ويا آهن. هن منهنجي خلاف ميڊيا ۾ هڪ جعلي مهم هلائي جنهن ۾ الزام لڳايو ته 13 سال اڳ مبينا طور ان کي ريپ جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ان جي عمر 34 سال هئي. وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنهن وقت جامي مبينا ريپ جو براهه راست الزام حميد هارون تي ناهي لڳايو پر ان وقت به حميد هارون جي خلاف ۽ جامي جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. حميد هارون جامي تي 1 ارب رپين جي هرجاڻي جو به مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اها رقم ڪنهن فلاحي اداري يا آزاد صحافت سميت ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ عدالت جيڪو مناسب سمجهي ان جي بنياد تي استعمال ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته گذريل سال جامي ان الزام سان گڏ سامهون آيو هو ته 13 سال اڳ ميڊيا ٽائيڪون ان جو ريپ ڪيو جنهن کان پوءِ 28 ڊسمبر تي ان مبينا ريپسٽ طور ڊان جي سي اي او جو نالو کنيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو