عدالت اسحاق ڊار جي گهر جي نيلامي روڪي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جي گهرواري تبسم اسحاق جي درخواست تي سندس لاهور واري گهر جي نيلامي روڪڻ جو حڪم جاري ڪندي ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس لبنيٰ سليم تي مشتمل بينچ مختصر ٻڌڻي بعد احتساب عدلت جي سندس گهر جي نيلامي وارو حڪم معطل ڪندي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. عدالت وڌيڪ ڪاروائي 13 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته اسحاق ڊار لنڊن ۾ آهي سندس پٽ دبئي ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن. سندس گهرواري عدالت ۾ موقف رکيو ته لاهور جي گلبرگ 3 وارو گهر المعروف هجويري هائوس کيس حق مهر ۾ مليل آهي ان ڪري اهو نيلام نٿو ڪري سگهجي، عدالت ثبوت ايندڙ حاضري تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هوڏانهن نيب لاهور سندس گهر تي نيلامي وارو بينر لڳايو هو پر ڪو به ٻولي ڏيڻ لاءِ ڪون آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو