عدالتي حڪم موجب ريتي کي گيس فراهم ڪريو، ڳوٺاڻا

ڏھرڪي (اسد غفور ڀٽو)ريتي جي چئني پاسن گيس جا کوھ آهن ۽ ڪيترن ڏهاڪن کان گيس نڪري پئي پر اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي واع ريتي شهر کي اڄ تائين گيس ناهي ملي سگهي. سنڌ جي هن علائقي جي گيس ڪشمير ۽ خيبر تائين وڃي ٿي پر مقامي آبادي نظر انداز ٿيل آهي. اهڙو سلوڪ ته صديون اڳ فتح ٿيندڙ شهرين سان به نه ٿيندو هو جهڙو حشر سنڌ جي مقامي ماڻهن سان ڪيو پيو وڃي. مقامي سماجي ورڪرز غوث بخش جت اشفاق احمد سومرو ماما محمد يامين اسد زمان چاچڙ ۽ ٻين ميڊيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي گيس ڪمپني 2008 کان وٺي اڄ تائين علائقي ۾ ڪائي سهولت نه ڏني آهي ۽ نه وري ڪوئي فلاحي ڪم ڪيو اٿس. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 2013 واري فيصلي جي باوجود ڪمپني فلاحي فنڊ مقامي طور خرچ نٿي ڪري. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم مطابق پنج ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي شهر واسين کي مفت گيس ڏيڻو آهي پر او جي ڊي سي ايل  انتظاميا گيس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ريتي شهر واسي مائرون ۽ ڀينرن ڪاٺيون ساڙي ساڙي اکين جي ديد کان نابين ٿي ويون آهن ۽ ڪيئي ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويون آهن اسان  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ضلعي انتظاميا کي فوري طور نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ٿا ڪريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو