عدالتي حڪم تي 85 يو سي سيڪريٽرين کان اضافي چارج واپس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مڪاني ادارن واري کاتي جي اختيارين پاران 85 يوسي سيڪريٽرين کان عدالتي حڪمن تحت اضافي چارجون واپس وتيون ويون آهن.  سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ذيشان جلال الدين، اياز الرحمان، محمد انور، حسين احمد، صفدر خان، شيخ ماجد، آفتاب علي، اسد الله، آصف سولنگي، امتياز خالق، اعجاز لاشاري، مشتاق احمد، سيد ريحان، محمد فياض، مطلوب عالم، مختيار علي، عامر علي، علي رومي زيدي، خدا بخش، احمد نواز، امجد ماجد، ڪرم حسين، محمد رزاق، شاھد علي، نورالدين، سيد فيصل علي سميت 85 يوسي سيڪريٽرين کان اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي. گزريل ڏينهن بدين ۾ غيرقانوني ڀرتي ڪيل 30 کان مٿي يو سي سيڪريٽرين ۽ جونيئر ڪلارڪن کي برطرف ڪيو ويو هو. جن جو تعلق بدين ضلعي سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو