عدالتي حڪم تي نقلي کاڄرو تيل فيڪٽري سيل

ميرپورخاص(ن س )ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  ميرپورخاص جي هدايت تي شگر مل وٽ  نقلي کاڄرو تيل جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي سيل ڪري ڇڏيو. اسسٽنٽ ڪمشنر حسين بخش مري جي رپورٽ جي روشني ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي کي ڪاروائي ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.  ان موقعي تي پھچڻ واري ميڊيا جي ٽيم کي ڪوريج کان روڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان کٽي  پوليس ساڻ ڪري ڪاروائي ڪئي. هن ڏنل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هي انتهائي خطرناڪ  ناقص ۽ انساني صحت جي لاء نقصان ڏيندڙ کاڄرو تيل ٺاهيو پئي ويو. جنهن جو ريٽ 160 روپيه في ڪلو هو. فيڪٽري مالڪ فاروق ملڪ ۽ ڪامران شاه ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو