عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا

مانجهند )مهراڻ عمراڻي(ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي حڪم تي 52 ڏينهن اڳ قتل ٿيل عورت وزيران ڇڇر جي قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا. جوڊيشل مئجسٽريٽ سيوهڻ جي نگراني ۾  سخي قبرستان وڏا ڇڇر ۾ ميڊيڪل ٽيم جي چئرمين قربان علي شاهه پوليس اسسٽنٽ  سرجن تنوير احمد شيخ ليڊي ڊاڪٽر شاهين صديقي اي ايس پي ڄامشورو علينا راڄپرسميت وڏي انگ ۾ پوليس نفري پڻ حصو ورتو جڏهن ته مقتولا وزيران جو پي گل محمد ۽ ڀائر پڻ موجود هئا ٽيم قبر ڪشائي ڪري مقتولا وزيران ڇڇر جي جسم جا 12 سيمپل پڻ ورتا جنهن ۾ ڪجهه سيمپل ڊي اين اي ٽيسٽ لا پڻ ورتا ويا ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو