عدالتن جا تاريخي فيصلا ۽ تڪرار – علي محمد ميمڻ

ملڪ جي اعليٰ عدليا جي تاريخ ۾ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آصف سعيد کوسا جي سربراهي وارو هڪ شاندار ۽ باوقار دور قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي عملداري جا مثال قائم ڪرڻ بعد 20هين ڊسمبر 2019 جي پروقار شام جو سندس رٽائرمنٽ بعد پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ سندس جاءِ تي ملڪ جي نئين چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس گلزار احمد پنهنجي عهدي جو قسم کنيو آهي. اهڙي ريت، ملڪ جي عدالتي سرشتي جي نئين دور ۽ نئين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي سربراهي ۾ پڻ يقينن، آئين ۽ قانون جي عملداري ۽ عوام کي انصاف ۽ داد رسي واريون تمام گهڻيون اُميدون آهن. جنرل (رٽائرڊ) پرويز مشرف بابت تازو خاص عدالت جي آيل فيصلي بعد ملڪ ۾ عدالتن ۽ ادارن ۾آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي موجودگي ۾ هڪ نئين قسم جي ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي آهي، جيڪا يقينن ملڪ ۾ گهڻي بحث جو موضوع بڻيل آهي.
چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کان اڳ سندس مان ۾ ڪوٺايل فل ڪورٽ ريفرنس جي اهم تقريب ۾ ڪيل آخري خطاب ۾ چوڻ هو ته، پرويز مشرف جي ڪيس بابت منهنجي حوالي سان هلايل خبرون بي بنياد آهن، اها مون کي ۽ عدليا کي بدنام ڪرڻ جي خراب سازش آهي. ملڪ ۾ عدليا خلاف خراب مهم شروع ڪئي وئي آهي پر سچ سدائين حاوي هوندو آهي ۽ اهو هر صورت ۾ سامهون ايندو آهي، هڪ جج جي دل شينهن وانگر ۽ هواس فولاد وانگر هجڻ گهرجن، جج کي غير جانبدار هجڻ سان گڏوگڏ بهادر هجڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو سمجهائيندا ۽ خوف ڏياريندا پر ماڻهو کي پاڻ بهادر هجڻ گهرجي. فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جا پنهنجي عهدي تان آخري خطاب ۾ اهي ريمارڪس خاص عدالت جي سنگين غداري ڪيس جي ان تفصيلي فيصلي جي هڪ ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيا، جنهن ۾ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
دنيا جي عدالتي تاريخ جي مشهور فيصلي جو هن وقت اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻو ذڪر آهي، جنهن موجب ”برطانيا ۾ ملڪ جي پارليامينٽ کي معطل ڪري آمريت مڙهندڙ اوليور ڪراموويل کي موت بعد، سندس قبر مان لاش ڪڍي ان جي ڍانچي کي لنڊن جي هڪ چوڪ تي ڦاهيءَ جي سزا ڏجي ٿي“ هي لفظ ان وقت جي برطانيا جي بادشاهه چارلسز ٻئي جي حڪم جا آهن، جيڪي هُن اقتدار سنڀالڻ بعد اوليور ڪراموويل جي ملڪ ۽ آئين سان غداريءَ جي الزام ۾ فيصلي طور تي جاري ڪندي ٻُڌايا هئا. اڳوڻي آمر  جنرل پرويز مشرف کي عدالت جو ٻڌايل فيصلو اوليور ڪراموويل کي آيل سزا سان ملندڙ آهي. جنهن موجب عدالتي سزا کان اڳ جيڪڏهن اڳوڻو آمر جنرل پرويز مشرف مري وڃي ته ان جي لاش کي ڊي چوڪ تي ٽي ڏينهن ٽنگڻ بابت پيرا 66 جهڙو هڪ ٻيو فيصلو دنيا جي سياسي تاريخ ۾ فقط برطانيه ۾ ملي ٿو، جتي برطانيه جي بادشاهه چارلس ٻئي اقتدار سنڀالڻ بعد 30 جنوري 1661ع تي پنهنجي پيءُ چارلس ٻئي جي ٻارنهين ورسيءَ تي والد جي سياسي دشمن ۽ برطانيه جي آئين ۽ اسميبليءَ کي معطل ڪري پارليامينٽ تي قبضو ڪندڙ اوليور ڪراموويل کي ڏني هُئي. اوليور ڪرامويل اهڙو عمل 1653ع ۾ ڪيو هو، جنهن بعد هُن برطانيا جي بادشاهه چارلس پهرين کي ڦاهيءَ جي سزا ڏيارڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. 1658ع ۾ اوليور ڪراموويل مليريا جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي موت جي ٻن سالن بعد چارلس اول جو پُٽ چارلس ٻئي اقتدار سنڀالي ورتو ۽ هُن پنهنجي والد جي موت ۽ برطانيا جي آئين کي معطل ڪرڻ ۽ پارليامينٽ تي قبضو ڪرڻ جي الزام ۾ کيس غدار قرار ڏئي سندس دفنايل لاش کي قبر مان ڪڍي لنڊن جي مشهور چوڪ تي ڦاهي ڏيڻ جي سزا جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي عمل ڪندي اوليور ڪراموويل جو ڍانچو قبر مان ڪڍي ان کي زنجيرن سان ٻڌي ڦاهيءَ جي سزا ڏني وئي، اوليور ڪراموويل جو هڏائون ڍانچو ته ڪجهه ڏينهن بعد وري دفنايو ويو پر سندس کوپڙي ويسٽ منسٽر هال جي مک دروزاي تي 24 سال ٽنگلي رهي، جنهن کي بعد ۾ هڪ گندي کڏ ۾ اڇلي دفن ڪيو ويو. ٻئي پاسي، جنرل پرويز مشرف واري ڪيس تي خاص عدالت جي آيل فيصلي تي وزيراعظم عمران خان واري وفاقي سرڪار تمام گهڻين مشڪلاتن جو شڪار آهي. وزيراعظم عمران خان حڪومت هٿ اچڻ کان اڳ جنرل پرويز مشرف جي باري ۾ اهي ئي ڳالهيون ۽ الزام هڻندو رهيو، جن جو ذڪر عدالتن جي فيصلي ۽ قانوندانن جي تبصرن ۾ ڪيا پيا وڃن پر اقتدار ملڻ بعد جڏهن عدالت فيصلا ٻڌايا آهن ته هاڻي ساڳي ڌر واري سرڪار انهن فيصلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ ۽ ان کان علاوه ٻيو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن سان راڻا ۽ رانجها راضي ٿي سگهن. اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻي جج، جسٽس (رٽائرڊ) شائق عثماني جو ميڊيا کي ڏنل انٽرويو صورتحال جي بهتر عڪاسي ڪري رهيو آهي.
جسٽس (ر) شائق عثماني موجب پاڪستان تحريڪ انصاف اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيس واپس وٺي سگهي پئي، هڪ خانگي  ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هن ڪيس ۾ حڪومت مدعي آهي ۽ ان جي حق ۾ فيصلو ٿيو آهي. مدعي پنهنجي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ اپيل ۾ نٿو وڃي سگهي. شائق عثماني جو چوڻ هو ته (ن) ليگ جي اڳوڻي دور ۾ پاڪستان جي حڪومت ڪيس داخل ڪيو هو پر جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار ۾ آئي ته هو ڪيس واپس وٺي سگهي ٿي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اپيل ۾ نٿي وڃي سگهي. پرويز مشرف ذاتي حيثيت ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته حڪومت جي قانوني ٽيم ۽ موجوده اٽارني جنرل سرڪاري عهدي تي رهڻ دوران اڳوڻي صدر جو ڪيس نٿو وڙهي سگهي.
ملڪ جي سموري عدالتي تاريخ کي هر دور ۾ ريفرنس جي دستاويزن طور دنيا جي تعليمي ادارن، يونيورسٽين، قانون ۽ انصاف جي ادارن ۾ پڙهيو وڃي ٿو، جنهن مان نئين دور ۽ نئين دنيا جا قانوندان، عالم، سياستدان ۽ مختلف علمن جا ماهر انهن علمن کي پنهنجي ملڪن، معاشرن جي بهتري لاءِ مثال بنائڻ لاءِ پنهنجن عهدن جا حلف کڻي اٿن ٿا. اميد آهي ته، اسان جو ملڪ پڻ مختلف شعبن ۾ عالمي اڪابرن، قانوندانن، ججن ۽ عوامي اڳواڻن سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي ملڪ جي فخر شخصيتن کي پڻ دنيا جي تاريخ جي اهم بابن ۾ شامل آهن، جنهن ۾ جسٽس دراب پٽيل وانگر مانائتي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا پڻ پنهنجي فيصلن ۽ عدالتن جي فعاليت ۽ عمل جي هڪ شاندار تاريخ جوڙي آهي، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو، جيڪي پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جون قومون ۽ نسل هميشه سندن فڪر، جدوجهد ۽ نظريي مان لاڀ حاصل ڪندا رهندا. خاص طور تي ملڪ ۾ اعليٰ عدليا سميت سموري عدالتي نظام کي تڪڙا انصاف مهيا ڪندڙ ادارو بنائڻ ۽ 1973ع واري آئين جي طاقت ۽ بالادستي مڃرائڻ وارا همت ۽ جرئت وارا مثال قائم ڪرڻ تي کين شاندار لفظن ۾ مڃتا ۽ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو