عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو وڏو وزير چونڊجي ويو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) باپ جي ناراض گروپ ۽ اپوزيشن جو گڏيل اُميدوار عبدالقدوس بزنجو بنا مقابلي بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آھي، 65 ميمبرن واري بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ عبدالقدوس 39 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. گهربل ووٽ 33 هئا. عبدالقدوس بزنجو جي مقابلي ۾ ڪنهن به نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا هئا، بلوچستان جي وقتي اسپيڪر بابر موسيٰ خيل طرفان عبدالقدوس بزنجو جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي گورنر ھائوس موجب بلوچستان جي وڏي وزير جي حلف برداري جي سادگي واري پر وقار تقريب گورنر ھائوس ۾ منعقد ٿيندي، گورنر ھائوس جي پڌرنامي موجب عبدالقدوس بزنجو وڏي وزير جي عھدي جو حلف کڻندو، گورنر بلوچستان سيد ظھور آغا قدوس بزنجو کان وڏ وزارت جو حلف وٺندو.

پهنجو تبصرو موڪليو