عباسي ۽ مهر برادرين ۾ خوني جهيڙو جو فيصلو ٿي ويو

سرحد نيوز (رپورٽر غلام عباس مهر)چئن مهينن کان هلندڙ مهر عباسي خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، ڳوٺ وسطي قريشي ۾ سيد ارشاد شاهه جي اوطاق تي ڪٺ گھرايو ويو جنهن ۾ غلام مصطفيٰ ابڙو، ارشاد شاهه قريشي، علي مراد مهر، مولابخش مهر جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو جنهن ۾ مهر برادري تي هڪ خون، هڪ ڪار ساڙڻ، اڳرائي ڪرڻ ۽ زخمين جو ڏنڊ ٽيٽيهه لک روپيه وڌو ويو. جڏهن ته عباسي ڌر تي هڪ خون ثابت ٿيو ۽ مهر برادري عباسين کي هڪ خون جي رقم 10 لک ڪٽي بقايا 23 لک روپيه ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ۽ علائقي واسي فيصلي کان پوءِ خوش نظر آيا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ياد رهي ته چار مهينا اڳ ڪارنهن تڪرار تا شروع ٿيندڙ خوني جھيڙي ۾ عباسي ۽ مهر برادري جو هڪ هڪ نوجوان قتل ٿيو جو جڏهن ته مهر برادري پاران عباسي برادري جي گھرن کي باهيون ڏئي گھر ۽ ڪار کي ساڙيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو