عام شڪايت تي ماڻهن جا پٽڪا نه لاهيو، چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ عام شڪايت تي بيمار۽ سينئر سياسي اڳواڻ ظفرعلي لغاري خلاف مبينه ڪرپشن جي جاچ واري ڪيس ۾ نيب آفيسرن کي ڇنڊ پٽيندي هدايت ڪئي آهي ته نيب وارا سياسي بنيادن بدران ميرٽ تي ڪيسن جو جائزو وٺن. عدالت ۾ سماعت شروع ٿي ته ظفرعلي لغاري کي وهيل چيئر تي آندو ويو. جنهن تي عدالت پڇو ته نيب جي ڪيس جو بنياد ڇا آهي ته نيب جي جاچ آفيسر چيو ته پي ٽي آءِ جي ورڪر غلام مصطفيٰ سومرو جي شڪايت تي ريلوي ۾ ڪرپشن بابت جاچ شروع ڪئي آهي. جنهن تي چيف جسٽس جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هاڻ نيب جو اهو معيار آهي جو ڪنهن به سياسي پارٽي جي ورڪر جي شڪايت تي جاچ شروع ڪندا؟ عدالت چيو ته ڇا نيب وارا هاڻي عام شڪايت تي ٺوس ثبوتن کانسواءِ ماڻهن جا پٽڪا لاهيندا؟ نيب وارا ڇو پنهنجي قومي اداري جي پويان پيا آهيو. نيب ۾ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ خلاف دادو جي جهوني سياستدان ظفرعلي لغاري درخواست داخل ڪئي آهي ته نيب وارا کيس بلا وجه تنگ پيا ڪن. سندس درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت نيب کي شڪايت ڪندڙن خلاف جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت نيب ڊائريڪٽر کي به روسٽرم تي طلب ڪيو. نيب آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ظفر لغاري 1992ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور ۾ وفاقي وزير هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف جو باضمير ورڪر هيل تائين ڪٿي هو؟ ڇا نيب معلوم ڪيو آهي ته شڪايت ڪندڙ جي آمدني جو ذريعو ڇا آهي؟ نيب سياست ڇڏي ڪيسز کي ميرٽ جي بنياد تي ڏسي. چيف جسٽس درخواستگذار ظفر لغاري کي پيشي کان آجو قرار ڏيندي چيو ته آئنده حاضرين تي رڳو نيب وارا ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو