عامر لياقت ايم اين اي جي سيٽ تان مستعفي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪٽ تان چونڊيل ايم اين اي عامر لياقت حسين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، عامر لياقت حسين ٽوئٽ ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اطلاع ڏنو پر سبب نه ٻڌايو آهي. عامر لياقت حسين ٽوئٽ ۾ لکيو ته الله تعاليٰ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي پنهنجي امان ۾ رکي (الله حافظ) واضح رهي ته ماضي ۾ به عامر لياقت حسين ڪراچي جي مسئلن تي وزيراعظم عمران خان آڏو خدشا ظاهر ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو