عاليا ڀٽ ۽ رنبير جي به ڊسمبر ۾ شادي جي تياري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊسمبر ۾ بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشال جي شادي جون خبرون اچڻ کان پوءِ ڀارتي ميڊيا ۾ افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ به هلندڙ سال ڊسمبر ۾ شادي ڪرڻ جو ارادو رکي رهيا آهن. دکن ڪرونيڪل جي رپورٽ موجب رنبير ڪپور ۽ عاليا ڊسمبر ۾ ٻين مصروفيتن کي ڇڏي ڏنو آهي ته جيئن هو پنهنجي شادي تي ڌيان ڏئي سگهن. ياد رهي ته عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور گذريل ڪجهه عرصي کان مختلف ايونٽس ۾ گڏ نظر اچي رهيا آهن. گذريل مهيني ٻنهي جوڌپور ۾ رنبير ڪپور جي 39هين سالگرهه به ملهائي هئي، جنهن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون. عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ سندن شادي جون افواهون 2017 کان هلي رهيون آهن پر هن وقت تائين ٻنهي ان حوالي سان واضح طور تي ڪجهه ناهي چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو