عالمي بئنڪ پاران داسو پروجيڪٽ لاءِ 70 ڪروڙ منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ داسو منصوبي جي ابتدائي مرحلي لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد آفس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي منظوري اهڙي وقت ڏني وئي آهي جڏهن ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. پهرين مرحلي ۾ درياءِ سنڌ تي 2160 ميگا واٽ جو بجلي گهر ۽ ٽرانسميشن لائن لڳائي ويندي. جڏهن ته ٻئي مرحلي بعد ان جي گنجائش 3420 ميگا واٽ ٿي ويندي. جنهن بعد داسو پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو هائيڊل منصوبو بڻجي ويندو.پاڪستان لاءِ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايلنگو پيٽچاموتو جو چوڻ آهي ته هن منصوبي سان هڪ ته سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ ٻيو ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به گهٽبو ڇو ته توانائي لاءِ تيل جي امپورٽ بل گهٽبو.

پهنجو تبصرو موڪليو