عاصم باجوا سيپيڪ چيئرمين جي عهدي تان مستعفي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سيپيڪ جي چيئرمين جي عهدي تان ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد وزيراعظم عمران خان خالد منصور کي سيپيڪ بابت پنهنجو خاص معاون مقرر ڪيو آهي. م سليم باجوا کي 27 نومبر 2019 تي 4 سالن جي مدت لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. باجوا ٽوئيٽ زريعي پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو . هن اعزازي طور مقرر ڪي خالد منصور لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان عهدي لاءِ موزون چونڊ آهي. عاصم باجوا جي پگهار، ڄيڪن بابت به خبرو هلنديون رهيون، سيپيڪ قانون جو مدو ختم ٿيڻ بعد به هو ڪم ڪندو رهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چين کي به هن بابت تحفظات هئا تڏهن هڪ سال 10 مهينا ۽ 6 ڏينهن هو عهدي تي رهيو. پاڪستان ۾ رٽائرڊ فوجي جنرل ڪنهن به سويلين عهدي تي مقرر ڪيل مدت پوري ڪندا آهن ۽ ائين ڪڏهن ئي ٿيو هجي ته کين مقرر مدت کان اڳ عهدو ڇڏڻو پوي. خالد منصور اعزازي طور مقرر ڪيو ويو آهي، هو حبڪو،  اينگرو جو سربراهه رهيو آهي ڪيميڪل انجنيئرنگ جي هن ماهر کي توانائي جي شعبي جو وسيع تجربو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ اينگرو جو ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جو ميمبر آهي ۽ اسد عمر جي ڪافي اعتماد وارو ماڻهو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو