عاصم اظهر سڳو ڀاءُ ناهي، ميرب علي

ماڊل ميرب علي، جيڪو تازو ئي ڊرامي انڊسٽري ۾ داخل ٿي آهي، هن پنهنجي ۽ عاصم اظهر بابت گردش ڪندڙ افواهن تي رد عمل ڏنو آهي. ميرب علي کان هڪ ويب شو دوران عاصم ۽ ان بابت سوشل ميڊيا تي سرگرم خبرون بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته اسان ڪزن آهيون پر ائين ناهي. هن چيو ته اسانڀيڻ ڀاءُ به ناهيون، عجيب خبر پڙهي ته عاصم منهنجي ٻي ماءُ جو پٽ آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، منهنجي ڪا ٻي ماءُ ناهي، منهنجي هڪ ماءُ ۽ هڪ پيءُ آهي. ميرب علي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي کي ننڍپڻ کان سڃاڻو هن چيو ته عجيب خبر پڙهي ته عاصم منهنجي ٻي ماءُ جو پٽ آهي پر اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، منهنجي ڪا ٻي ماءُ ناهي، منهنجي هڪ ماءُ ۽ هڪ پيءُ آهي. منهنجو ڀاءُ عاصم جو بهترين دوست آهي ۽ اسان جون مائرون  به هڪ ٻئي جون تمام سٺيون دوست آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو