عاصم اظهر جي ماڊل ميرب سان مڱڻي ٿي وئي

ڪراچي(ويب ديسڪ) گلوڪار عاصم اظهر ۽ ماڊل ميرب جي مڱڻي جي خبرن بعد ٽوئٽر تي گلوڪار جو نالو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي.ماضي ۾ گلوڪار جي حانيا عامر سان تعلقات ۽ شادي جون خبرون سوشل ميڊيا تي هلنديون رهيون پر اهي درست ثابت نه ٿيون هيون. ٻنهي ۾ اختلافن جي خبرن بعد هاڻي اها خبر هلي پئي ته عاصم اظهر ماڊل ميرب سان مڱڻي ڪئي آهي. ٻنهي جي خاندانن ڪراچي ۾ سادگي سان مڱڻي جي تقريب منعقد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو