عاجز سرگاڻي جي ڪتاب ”دل خدا هڪڙي ڏني“ جي مهورت ٿي گذري

ٿرڙي محبت ( صدام حسين چانڊيو) سنڌ جي قومي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر عاجز سرگاڻي جي نئين آيل شاعري جي ڪتاب” دل خدا ھڪڙي ڏني” جي مھورتي تقريب ڳوٺ صوبدار سرگاڻي ۾ ٿي گذري. تقريب جي صدارت نامياري اديب، محقق، تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر آزاد قاضي ڪئي جڏهن ته مھمان خاص ممتاز رڏ، اعزازي مھمانن ۾ وفاٻرڙو، صابرسيدپوري، معصوم بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو، وسيم آڪاش سيتائي، ڪوڙل قربدار، اسير جسڪاڻي، دودو ديشي، منظور علي لاشاري، ياسر سرگاڻي، وفا صالح راجپر صاحب ڪتاب عاجز سرگاڻي ڪئي. صدارتي تقريب دوران ڊاڪٽر آزاد قاضي خطاب ڪندي چيو ته قومي مزاحمتي ۽ عوامي شاعر عاجز سرگاڻي جي شاعري ۾ حسن جماليات، ڌرتي، سونهن، پيار، محبت، امن جو مڪمل عڪس نظر اچي ٿو. اعزازي مھمان آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته عاجز جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي. صابر سيدپوري چيو ته عاجز جي شاعري ۾ ڌرتي ڪائنات جي سمورين حسناڪين جو ذڪر ملي ٿو سائين سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي جو نمايان شاعر آهي. جڏهن ته پروگرام ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان ڪھي آيل شاعرن اديبن اقرار دانش چانڊيو، زخمي زاھد سارڻ، دودو سرگاڻي، ياسر سرگاڻي، نثار احمد سرگاڻي، محمد خان اسد بروھي ۽ ٻين سائين عاجز سرگاڻي کي منظوم ڀيٽا ڏني. جڏهن ته پروگرام ۾ معصوم بخاري، ڀيڄو فقير، نثار ساگر قبولائي، اخلاق جسڪاڻي ۽ ٻين عاجز سرگاڻي جي شاعري تي مڪالا پيش ڪيا. پروگرام ۾ نئون ڳوٺ، ڏوڪري جي صحافين  محمد رفيق سرگاڻي، عبدالجبار ميمڻ، ربنواز کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي سريلن فنڪارن غلام شبير سخيراڻي، نوجوان فنڪار حبدار سخيراڻي، احسن سخيراڻي ۽ ٻين سڄي رات فن جو مظاهرو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو