لطيف سرڪار جي نظر ۾ ڪربلا انقلاب جي علامت آهي؟

ليکڪ  امر قاسم جسڪاڻي

لطيف سرڪار ڪربلا کي ھڪ انوکي انداز ۾ پيش ڪري ٿو اھڙو انداز جيڪو ڪو بـ لطيف کان علاوھ پيش نٿو ڪري سگھي, لطيف سائين حضرت حسين عليھ السلام جي فڪر کي پنھنجي بيتن وسيلي پيش ڪري ٿو ۽ ان ۾ انقلاب جي جھلڪ کي عيان ڪري ٿو;

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگُ جُوان؛

ڌَرتِي ڌُٻِي، لَرزِي، ٿَرٿِليا آسمانَ؛

ڪَرَهِ ھُئِي ڪَان، ھو نَظارو نِينھَن جو. (شاھ)

شاھ سائين جي نظر ۾ ڪربلا جو ميدان حق ۽ باطل جي وچ ۾ ھڪ اھڙو مقابلو جنھن ۾ حق سچ ٻيپھري جي سج وانگر نروار بيٺو آھي. لطيف سائين امام حسين ع کي جرئتمند, بھادر, جُنگُ جوان محسوس ڪري ٿو ۽ اھڙو بيباڪ بھادر جنھن جو مثال ممڪن ئي ناھي,. توڙي جو يزيدي لشڪر ايڏو وڏو ھو جو ان جي ھوڪرن, تلوارن جي ٽڪرائڻ ۽ گھوڙن جي ٽاپن جا آواز پري پري تائين گونجي رھيا ھئا پر حق سچ تي ڊٽي بيٺل ھن عظيم انقلابي کي انھن جي ڪا ڪھل ئي نـ ھئي. توڙي ڌرتي ڌٻي يا آسمان لرزي پر ظالم سان وڙھڻ کان نٿو ڪيٻائي, ڇو تـ موت برحق آھي ۽ نيٺ ھڪ ڏينھن دنيا مان رحلت ڪرڻو آھي تـ پوءِ موت کان خوف ڇا جو؟ موت اھا جيڪا آب حيات ماڻي. لطيف سائين امام حسين ع جي جرئت ۽ بيباڪ بھادري تي غم ڪرڻ روئڻ سان گڏ ھڪ اھڙو درس ٿو ڏئي جيڪو شايد ئي ٻيو ڪو ڏيندو ھجي. ھو چوي ٿو تـ اک ۾ نمي ھجي پر دل ۾ خراش, جوش, جذبو ۽ ڪرڀ ھجي تـ ظلم, ظالم, جابر, غاصب ۽ ڏاڍي داداگير سان وڙھجي ۽ وڙھي ميدان ملھائيجي. لطيف سائين بغاوت جو درس ڏئي ٿو ۽ ان انقلابي بغاوت لأ رڳو ڪلھوڪي يزيد تي ڦٽڪار ۽ لعنت نـ پر اڄوڪي يزيد سان جھيڙڻ جو درس ٿو ڏئي ۽ امام حسين ع کي انقلاب جي علامت بڻائي ويڙھ لاءِ اتساھي ٿو.

سورنھن ڀائين سوڀ کي تـ دل جا وھم وسار,

ھڻ ڀالا, وڙھ ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍال,

مٿان تيغ ترار مار تـ متارو ٿئيين (شاھ)

لطيف سائين سورنھن کي اتساھي ٿو تـ تون پنھنجي حقن لاءِ ويڙھ ڪر ۽ وڙھندي وڙھندي دشمن تي اھڙا تـ وار ڪر جو دشمن نست و نابود ٿي وڃي, ۽ جيڪڏھن دشمن توتي وار ڀي ڪري وڃي ۽ تون وڙھندي ماريو وڃي تڏھن بـ نـ گھٻرائج ڇو تـ تنھنجو موت ئي تنھنجي زندگي آھي. پنھنجي دل مان ھار ۽ ناڪامي جو وھم ۽ وسوسو ئي ڪڍي ڇڏ, ڇو تـ تنھنجو مرڻ بـ تنھنجو جئيڻ ھوندو, تاريخ ۾ تون ڪڏھن بـ مرڻو ناھين.

جڏھن امام حسين ع کي يزيدي لشڪر صحرا ۾ روڪيو ۽ يزيد پليت جي بعيت لاءِ چيائون تـ پاڻ انڪار ڪيو ۽ چيو تـ حق ڪڏھن بـ باطل جي بعيت نٿو ڪري سگھي, پوءِ يزيدي لشڪر جنگ ڪرڻ جو چيو تـ پاڻ چيائون تـ منھنجي ناحق خون وھائڻ کان اوھان لاءِ بھتر آھي تـ مونکي رستو ڏيو تـ آءُ ھي خطو ۽ اوھان جي رياست ڇڏي “سنڌ ملڪ” ھليو ٿو وڃان, پر يزيدي ٽولي رستو نـ ڏنو نيٺ امام سڳوري ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيا, اھڙي صورتحال کي قلمبند ڪندي لطيف سرڪار چئي ٿو تـ:

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون؛

جهيڙو يَزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙِيائُون؛

مُنهُن نه موڙِيائُون، پَسِي تاءُ تَرارِ جو. (شاھ)

لطيف سائين حضرت حسين ع جي مضبوط ارادي کي اتساھ ۽ بيباڪي جي علامت طور پيش ڪري ٿو ۽ سمجھائي ٿو. توڙي جو ڪربلا جھڙو ويران صحرا ھيو ۽ ظالم يزيد جي جابر فوج گھيرو تنگ ڪري ڏنو تڏھن پاڻ يزيدي ڪٽڪ کان بي پرواھ ٿي جنگ جو سندرو ٻڌو ۽ انھن جي سامنھو خيما کوڙي ويھي رھيو ۽ جنگ جي طبل وڃڻ سان ميدان ڇڏي ڀڃڻ يا يزيد جھڙي وحشي وٽ جھڪڻ بجاءِ جُنبِي پير ڌرتي تي مضبوط ڪري وڙھيا ۽ ويڙھ کي ئي پنھنجو عملي ڪردار سمجھائون, توڙي جو امام سڳورو ڏسي پيو تـ يزيدي فوج جو وڏو ڪٽڪ آھي ۽ انھن وٽ نيزا, تير, ڀالا ۽ وڙھ جا جديد ھٿيار آھن پر پؤ بـ ھو تلوار جي تيز ڌار کان سر مٺو نٿو ڪري ۽ وڙھي ٿو ۽ ايتري تائين وڙھي ٿو جيتري تائين سسي ۾ ساھ آھي. مطلب امام حسين ع سمجھائي ٿو جڏھن ظلم حد کان وڌي وڃي, ظالم بدمعاش ۽ بدمست ٿي وڃي تـ پوءِ جنگ لازم بڻجي ٿي وڃي ۽ جرئتمند بھادر ۽ غيرتمند تي فرض ٿو بڻجي تـ ھو وڙھي.

دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛

خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛

اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛

اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي. (شاھ)

دوست ۽ ساٿي بـ اھڙا ڪجن جيڪي وقت تي پاڻ ملھائين, اھڙن ماڻھن جي صف نـ ھجي جيڪي جيءُ مٺو ڪن ۽ ڏکي وقت ۾ گڏ نـ بيھن. ۽ اھو بـ لازم آھي تـ جڏھن باطل سان مھاڏو اٽڪايو تـ ڪا بـ شيءِ پياري نـ ڪيو,  ڀلي اھي جگري دوست, جان کان پيارا مٽ مائٽ ۽ گھر ٻار ھجن. ڌڻي پاڪ انھن سان گڏ آھي جيڪي حق تي آھن انھن کي ڏکي وقت جي آزمائش ڇيھو نٿي رسائي سگھي. ڇو تـ جيڪو شخص حق تي ھوندو اھو ئي ظالم جابر ڏاڍي ۽ داداگير سان ٽڪرائيندو ۽ پوءِ ان وھشي درندي جي ڏاڍ جي سختي پڻ سھڻي پوندي پر حق ڪڏھن بـ پير نـ پساريندو, آخري دم تائين ويڙھاند ڪندو

” ڪانھي ڪا تاريخ ۾ ويڙھ سواءِ ٻي واھ”.

لطيف سرڪار مظلوم ۽ محڪوم طبقن, قومن, سماجن ۽ ملڪـن کي امام حسين ع جي انقلاب مان سکڻ سمجھڻ ۽ پرکڻ سان گڏ ويڙھ جي لاءِ اتساھي ٿو. ان لاءِ آمادھ ڪري ٿو تـ  ھٿ ھٿ تي رکي ويھي رھڻ , مايوس ٿيڻ, خالي حوال ڪرڻ, رڳو بيوسي تي پٽڻ بجاءِ عملي ميدان ۾ وڙھي پاڻ ملھائڻ يا وڙھي ڀلي پؤ ڇو نـ  مري وڃڻ کي ترجيھ ڏئي ٿو.

چَنڊَ وِھاِئيَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛

اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛

عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين. (شاه)

اھڙي طرح لطيف سرڪار رڻ گجو راڙو ٿيو وارو مثال وري ورجائيجو ۽ حسين ع جي جوش جذبي ۽ ويڙھاند جي نظرئي کي پيش ڪري ٿو. امام حسين ع جي غم ۽ انقلابي جدوجھد کي رڳو نياز و نظر, مجلس ۽ ماتم, جلسي ۽ جلوس ۾ قيد ڪرڻ بجأ وقت جي باطل, ظالم, جابر, ڏاڍي, وڏيري, داداگير, ڪرپٽ حڪمران, رياستي ڪارندگي جو ظلم سان ٽڪرائڻ لأ حسيني انقلابي ويڙھاند کي اتساھ ۽ اڳواڻ بڻائي وڙھجي ۽ ظالم کي ثابت ڪري ڏيکارجي تـ اسان حسيني آھيون. حضرت حسين ع جي رھبري ۽ پولڳي پڻ اھا ھوندي جو اسان اڄ جي ھامان, نمرود, فرعون ۽ يزيد سان ٽڪرايون ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات ۽ آزادي, خوشحالي, امن, ترقي ۽ بيباڪي حاصل ڪيون.

ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ (شاھ)

ظلم جي انتھا انکان وڌيڪ ڪھڙي ھجي جو پاڻي جيڪو آب حيات آھي اھو روڪيو وڃي, ھر دور جو يزيد سڀ کان اول پاڻي تي قابض ٿي آب حيات مطلب شھ رڳ تي لت ڏئي ٿو ۽ اڃو پياسو مارڻ چاھي ٿو, پؤ اھو پاڻي ڪربلا ۾ فرات ندي جو ھجي يا سنڌ ۾ سنڌو ندي جو ھجي. اھو يزيد ڪلھ جو يزيد ھجي يا اڄ جو يزيد ھجي . لطيف سرڪار ڪربلا کي انقلاب جي علامت سمجھي ٿو  ۽ حضرت حسين ع کي انقلاب جو سرواڻ, جنھن ھن وڏي ظالم ۽ جابر ڪٽڪ سان ٽڪرايو ۽ ظاھري طور ان وقت تـ حسين ع قتل ٿي ويا پر حقيقت ۾ ظالم يزيد بي موت مري ويو ۽ صف ھستي تان مٽجي ويو. پر اھا ڳالھ پڻ ذھن نشيني جھڙي آھي تـ ڪربلا کان اڳ بـ يزيدي ڪردار ھئا ۽ ڪربلا کان پؤ بـ يزيديت موجود آھي, ۽ ھر دور جا ڪيترائي معلون يزيد ٿين ٿا ھر دور ۾ حسين جي ضرورت پوي ٿي تنھنڪري حقيقي حسيني عمل اھو آھي جو اڄ جي يزيد سان ويڙھاند ڪجي. ھن وقت سڀ کان اھم ڳالھ تـ لطيف سرڪار کي پڙھجي ۽ پڙھي سمجھ جي, لطيف ھڪ فلاسافي آھي جنھن ۾ پيار, امن , حق سچ ۽ حقن جي حاصلات لأ پير ڄمائي وڙھڻ جو اتساھ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو