طوفاني برسات سبب ڪراچي ۾ اڄ تعليمي ادارا بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آل سنڌ پرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪالجز ايسوسيئيشن غيريقيني موسم جي صورتحال سبب جمعي تي پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪالج بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز ۽ ڪاليجز ايسوسيئيشن جي چيئرمين حيدر علي جو چوڻ آھي تھ برساتن سبب متاثر ضلعن ۾ اسڪولز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت به سرڪاري تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رھي تھ وچ بحيرھ عرب ۾ ٽراپيڪل سامونڊي طوفان ٺھي رھيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ مڪران جي ساحلي علائقي ۾ تيز ھوائن سان گڏ طوفاني برساتن جو امڪان آھي. اهو خطرو ٽري ويو آهي. موسميات کاتي موجب سائيڪلون ڪراچي کان 300 ڪلوميٽر پري آھي جيڪو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ تيز برساتن ۽ تيز ھوائن جو سبب بڻجي سگھي ٿو،

پهنجو تبصرو موڪليو