طوبيٰ عامر ميزباني کان پوءِ اداڪاري ۾ به جوهر ڏيکاريندي

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ميزبان عامر لياقت جي گهر واري طوبيٰ عامر ميزباني کان پوءِ اداڪاري جي ميدان ۾ به قدم رکي ڇڏيو آهي. طوبيٰ عامر خانگي چينل جي ڊرامي(بهڙاس) جي ذريعي اداڪاري جي ميدان ۾ قرم رکڻ وڃي رهي آهي. هن گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوريز تي پنهنجي ڊرامي جون ڪجهه جهلڪيون به شيئر ڪيون.ان کان علاوه سندس ڊرامي(بهڙاس) جي سيٽ تان  ورتل تصوير به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو ڊرامي جي اداڪارن سلمان سعيد ۽ رُباب رانا سان گڏ نظر اچي رهي آهي.واضح رهي ته سيده طوبيٰ ان کان اڳ پنهنجي مڙس سان گڏ رمضان ٽرانسميشن جي ميزباني به ڪري چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو