طلاق بعد عامر ۽ ڪرن رائو جي رومانوي تصوير تي هلچل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) تازو طلاق جو اعلان ڪندڙ بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان ۽ ڪرن رائو جي رومانس جي نئين تصوير وائرل ٿيڻ بعد سندن مداح حيران آهن ته هي ڪهڙي طلاق آهي؟ 56 سالن جي هيرو عامر خان ۽ 47 سالن جي فلم پروڊيوسرڪرن رائو گذريل هفتي علحدگي جو اعلان ڪيو هو. هنن اهو به چيو هو ته هو پنهنجي 10 سالن جي اڪيلي پٽ آزاد خان خاطر والدين جو ڪردار گڏيل طور نڀائيندا رهندا. ٻنهي 2005 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ 2011 ۾ کين واحد اولاد ٿي هئي. هن جي ميگا بجٽ فلملال سنگه چڍها جي سيٽ تي اها تصوير ڪڍرائي آهي. جتي ڪجهه مداحن مٿن تنقيد ڪئي آهي ته ڪجهه واري سندن تعريف به ڪن ٿا. ڪجه مداحن عامر خان کي مشورو ڏنو آهي ته هو سندن ڇڏيل زالن سان شادي ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو