طب جي شعبي ۾ هڪ اهم قدم، موبائيل ايم آر آءِ مشين تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽروڪ جي مريضن جي ترت ٽيسٽ ڪري سرجري ڪرڻ لاءِ موبائيل ’ايم آر آءِ‘ مشين ايجاد ٿي وئي آهي جيڪا طب جي شعبي ۾ تمام اهم پيش رفت آهي. يالي يونيورسٽي تازٽيسٽ مڪمل ڪيا آهن.هڪ سال دوران 30 مريض آندا ويا، جن مان30 مان 29  مريضن ۾ مرض جي درست سڃاڻپ ڪئي وئي. اها مشين ايم آر آءِ جي عام مشين کان 10 ڀيرا گهٽ  وزني آهي ۽ ان جي 35 حصي جي برابر بجلي استعمال ڪندي آهي پر گڏ ئي ان جي قيمت روايتي مشينن کان 20 ڀيرا گھٽ آهي.

Screen shot

پنهنجي سڀني خاصيتن سبب اها مشين ڳري ۽ بجلي کائيندڙ ايم آر آءِ نظامن جو بهترين متبادل ثابت ٿي سگھي ٿي.هائپر نالي ڪمپني اها مشين تيار ڪئي آهي جنهن کي ”پورٽيبل پوائنٽ آف ڪيئر ايم آر آءِ“ جو نالو ڏنو ويو آهي. ان جو دل ۽ دماغ ڪمپيوٽنگ جي طاقت آهي جنهن کي استعمال ڪندي روايتي طاقتور مقناطيسي ميدان جي ضرورت ناهي رهي ۽ گھٽ طاقت ۾ ئي اهي ئي نتيجا حاصل ٿين ٿا. مشين کي هلائي پاڻ مريض ئي ان کي بستري تائين کڻي وڃي سگھي ٿو ۽ بجلي جي عام ساڪٽ ۾ پلگ لڳائي ايم آر آءِ جو سمورو عمل انجام ڏئي سگھي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو