طبي عملي جي غفلت، ماءُ ۽ ٻار جي فوتگي خلاف احتجاج

پنوعاقل (سنتوش ڪمار)تعلقه اسپتال جي عملي جي غفلت سبب ويم دوران ماءُ ۽ ٻار فوت ٿيڻ خلاف سنڌ سوشل فورم ۽ سول سوسائٽي پاران وارثن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو ايم ايس هٽايو پنوعاقل بچايو جي عنوان ھيٺ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . جنھن ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعلقه اسپتال پنوعاقل ۾ ھي پھريون واقعو نه آهي پھريان به لاپرواهي سبب انساني زندگي جي جانين سان کيڏيو ويو آهي. وارثن ۽ اڳواڻن جنھن ۾ عجيب ﷲ سميجو، غلام رسول چاچڙ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان گهُر ڪئي آهي ته ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو