طالبان پاران عبوري حڪومت جو اعلان، ملا محمد حسن اخوند وزيراعظم

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ اقوام متحدو جي پابندي مڙهيل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ملا محمد حسن اخوند کي وزيراعظم  مقرر ڪيو ويو آهي. سندس نالو ملا هيبت الله اخوند تجويز ڪيو آهي. اهڙو اعلان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ملا عبدالغني برادر ۽ مولي عبدالاسلام حنفي سندس نائب هوندا يعني ڊپٽي پرائم منسٽر هوندا. ملا اخوند رهبري شوريٰ جو قائد آهي ۽ ملا عمر جو ويجهو ساٿي آهي. مرحوم ملا عمر جي پٽ ملا يعقوب کي وزير دفاع مقرر ڪيو ويو آهي. سراج الدين حقاني قائم مقام وزير داخلا، مولوي عبدالحاڪم شريعه قائم مقام وزير قانون و انصاف،  خليل الرحمان حقاني پناهگيرن بابت مععاملن جو  وزير مقرر ڪيو آهي. ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته پاڪستان نواز هجڻ جو الزام غلط آهي پاڪستان جو واسطو ئي ناهي. پاڪستان جي طالبان کي حمايت هجڻ پروپيگنڊا آهي.هن چيو ته اسان 20 سال آزادي لاءِ جنگ ڪئي آهي. امريڪا سميت دنيا جي سڀني ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن کي به اندروني معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏينداسين. في الحال عبوري حڪومت ٺاهي آهي وزارتون قوميت يا زبان جي بنياد تي نه پر ميرٽ تي ڏنيون آهن. مڪمل حڪومت بعد ۾ ٺاهينداسين، پنجشير ۾ لڙائي ناهي لڙائي ڪرڻ وارا ملڪ ڇڏي چڪا هاڻي مڪمل امن آهي. ملڪ ۾ حڪومت نه هئڻ سبب ڪجهه غلط واقعا ٿيا، صحافين ۽ احتجاج ڪرڻ وارن کي خيال ڪرڻ گهرجي.

ان کان اڳ اڱاري تي صبح جو ڪابل ۾ هزارين ماڻهو روڊ تي نڪري آيا ۽ چيو ته اسانکي پاڪستان نواز حڪومت قبول ناهي، مظاهري ۾ عورتن جو به وڏو انگ شامل هو، طالبان کين منتشر ڪرڻ اءِ هوائي فائرنگ ڪئي ، صحافين کان ڪيمرا کسيا هئا ۽ کين تشدد جو نشانو بڻايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو