طالبان پاران حڪومت قائم ڪرڻ جو فيصلو وري ملتوي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ نئين حڪومت جو اعلان اڄ ٿيڻو ھو جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغانستان جي نئين انتظاميا جو اعلان جمعي نماز بعد ٿيڻو ھو، طالبان ترجمان جو چوڻ آھي تھ نئين انتظاميا جو اعلان سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي، ان کان اڳ اطلاع ھئا تھ نئين حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ طالبان جمعي نماز بعد ڪابل ۾ اھم اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ اعلان ڪيو ويندو. طالبان سڀني ڌرين کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ گهرن ٿا پر اهم عهدا پنهنجي ماڻهن کي ڏيڻ چاهين ٿا جنهن سبب اختلاف آهن. ملا عبدالغني برادر کي حڪومت جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو