طالبان مولوي نينگر گم ڪيو، ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ هنگورجا مان پراسرار نموني گم ٿيل 14 ورهين جي نينگر عطاءَ الله بروهي جي امڙ شريفان پاران داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دورا عدالت ۾ پوليس رپورٽ جمع ڪرائي. جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ مولوي نينگر کي گم ڪيو آهي، پوليس آفيسر غلام علي جماڻي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جاچ آفيسر چيو ته ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ته جيئن ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪري سگهجي، جنهن تي عدالت ڪيس جي ايف آئي آر جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته 7 مهينا اڳ نظير بروهي نينگر کي ديني تعليم لاءِ وٺي ويو هو جيڪو واپس ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو