طالبان طرفان عام معافي، عورتن کي ملازمت جي اجازت

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ملڪ م عام معافي جو اعلان ڪندي عورتن کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي. جنهن بعد ايئرپورٽ، اسڪولن ۽ بئنڪن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون اڱاري تي نوڪري تي پهچي ويون. طالبان جي ڪلچرل ڪميشن جي انعام الله سُمنگني اهڙو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي طالبان جي مرحوم اڳواڻ تحريڪ طالبان جي باني اڳواڻ ملا عمر جي پٽ ملا محمد يعقوب پنهنجي هڪ تازي آڊيو پيغام ۾ پنهنجي ويڙهاڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آيل علائقن ۾ ڪنهن به شهري جي گهر ۾ داخل نه ٿين ۽ نه ئي انهن کان گاڏي يا ڪا ٻي شيءِ کسڻ جي اجازت آهي. آڊيو پيغام ۾ چيو ويو ته” سڀني مجاهدن لاءِ اھا ھدايت ۽ پيغام آھي ته ڪنھن کي به ڪنھن به شھري جي گھر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناھي ، خاص ڪري ڪابل ۾ جتي اسان داخل ٿيا آھيون. ڪنهن به شهريءَ جي گهر ۾ داخل نه ٿيو ۽ نه ڪار يا ڪا ٻي شيءِ گهرو، ان کي بعد ۾ ڏٺو ويندو.“ ملا يعقوب وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن شهري کان ڪار يا هٿيار کسيندو يا لڪائيندو ته اها ’خيانت‘ هوندي. طالبان اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملا يعقوب جو حڪم هنن لاءِ حتمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو