طالبان خلاف مظاهرا ۽ مزاحمت جي تياري جاري آهي، روس

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس جَي پرڏيهي وزير سرگئِي لاروف پريس ڪانفرنس دوران انڪشاف ڪيو آهي ته پنج شير صوبي ۾ طالبان خلاف مزاحمتي تحريڪ جِي قيادت افغان نائب صدر امر الله صالح ۽ طالبان مخالف ويڙهاڪ احمد مسعود ڪري رهيا آهن،  سرگئي لاروف مطالبو ڪيو ته، افغانستان ۾ ڳالهيون ڪري سمورين سياسي قوتن کي نمائندگي ڏني وڃي ۽ انهن جِي ئي نمائندن تي مشتمل حڪومت قائم ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته مسعود جا ٻه چاچا تازو پاڪستان آيا هئا ۽ پاڪستان حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي طالبان جي ترجمان چيو آهي ته هوائي اڏي تي پيدا ٿيل افراتفري جو هنن سان ڪو واسطو ناهي. هن مهل تائين 15 ماڻهو مارجي ويا آهن. بي بي سي جي رپورٽ موجب مختلف شهرن ۾ طالبان خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا آهن ۽ خدشو آهي ته خانه جنگي نه شروع ٿي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو