طالبان پاران پنجشير وادي تي قبضي جي دعويٰ

ڪابل(سنڌيار اسپيشل رپورٽ) پنجشير صوبي احمد مسعود ۽ طالبان ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد جنگ شروع ٿي وئي آهي ۽ ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي کي وڌيڪ جاني نقصان پهچائڻ جون دعوائون ڪيون آهن جن جي آزادانه تصديق نه ٿي سگهي آهي. پنجشير صوبي جي گادي وارو شهر بازارڪ مزاحمتي اڳواڻ احمد مسعود جو اباڻو شهر آهي. جمعي جي شام تائين طالبان جي دعويٰ هئي ته هنن پنجشير تي قبضو ڪري ورتو آهي. اڳوڻو نائب صدر امر الله صالح تاجڪستان فرار ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هو ملڪ ۾ موجود آهي. پنجشير اڳ ۾ پروان صوبي جو حصو هو پر 2004 ۾ ان کي الڳ صوبي جو درجو مليو. 1995 ۾ جڏهن طالبان پهريون ڀيرو افغانستان تي قبضو ڪيو هو ته ان وقت به هو هن علائقي ۾ قبضي ۾ ناڪام رهيا هئا. روسي فوج هجي يا امريڪي يا طالبان، هو هن تي قبضي ۾ ناڪام رهيا ۽ هي خطو خودمختار رهيو آهي.

Ahmed Masood File Photo

هاڻي به پنجشير جا مقامي جنگجو خودمختاري چاهين ٿا. جڏهن ته طالبان ان جو ڪنٽرول چاهين ٿا. بلخ، بدخشان ۽ پنجشير جا علائقا طالبان جي قبضي ۾ ڪڏهن ناهن رهيا پر هن ڀيري طالبان بلخ ۽ بدخشان تي ڪنٽرول ڪري چڪا آهن ۽ پنجشير ۾ قبضي لاءِ لڙائي جاري آهي. پنجشير جي قومي مزاحمتي فرنٽ افغانستان (اين آر ايف اي) جو چوڻ آهي ته طالبان پروان صوبي جي شهر جبل سراج کا پنجشير ۾ داخل ٿيڻ جون ڪيتريون ڪوششون ڪيون جيڪي ناڪام ٿيون آهن، رات سندن 15 جنگجو قتل ٿيا آهن ۽ پنجشير جي سمورن داخلي رستن تي سندن ڪنٽرول آهي. طالبان جي ترجما ذبيح الله مجاهد دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان پنجشير ۾ داخل ٿي چڪا آهن.ياد رهي ته پنجشير معنيٰ پنج شينهن جو صوبو 7 ضلعن تي مشتمل آهي ۽ پوڻن ٻن لکن جي آبادي واري هن صوبي جا 512 ڳوٺ آهن.هن صوبي جي اتر ۾ بغلان ۽ تخار صوبن جي سرحد ملي ٿي،  اوڀر کان نورستان ۽ بدخشان صوبن جي سرحد آهي، لَغمان ۽ ڪَپيسائي صوبن جي سرحد ڏکڻ کان لڳي ٿي ۽ اولهه کان پروان صوبو ملي ٿو. هن خطي تي بخارا شهنشاهي راڄ رهيو پر 1750 ۾ دراني بادشاهه قبضو ڪيو ۽ 1926 ۾ موجوده افغانستان جو حصو بڻيو. هن صوبي جي گهڻي ڀاڱي آبادي تاجڪ نسل جي آهي ۽ دري زبان (افغاني لهجي واري فارسي) ڳالهائن ٿا. عبدالله عبدالله، يونس قانوني، بسم الله خان به هن علائقي جا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو