‘طالبان جي قبضي بعد پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن کي خطرو آهي’

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوجي جرنيلن صدر جو بائيڊن کي خبردار ڪيو آهي ته افغانستان تي طالبان جي قبضي بعد خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو ۽ پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن کي خطرو لاحق ٿي ويندو. اهڙو اظهار چيئرمين جوائنٽ چيف جنرل مارڪ ملي سينيٽ جي آرمڊ فورسز بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اسين جو بائيڊن کي تڪڙ م افغانستان مان نه نڪرڻ جي صلاح ڏني هئي ۽ چيو هو ته پاڪستان جي ڪردار کي جاچڻو پوندو ته طالبان 20 سال دنيا جي اتحادي فوجن آڏو ڊٽيا رهيا ۽ پاڪستان جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو. جنرل فرينڪ مڪينزي چيو ته هاڻي وارا طالبان مختلف آهن ۽ پاڪستان سان سندن تعلقات پيچيده رهندا. هن چيو ته مونکي لڳي ٿو ته تمام جلد پاڪستان ۽طالبان جي لاڳاپن ۾ نمايان تبديلي اچڻ واري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو