طالبان جي علائقي ۾ آمريڪي جاسوسي جهاز جهاز تباه ٿيو هو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغناستان جي سرڪاري ايئر لائنز آريانا جي ترجمان سختي سان ترديد ڪئي آهي ته سندن ڪو به مسافر جهاز تباهه ناهي ٿيو. افغانستان جي صوبي غزني ۾ تباهه ٿيل آمريڪا جو جاسوسي جهاز هو جنهن ۾ عملي جا 2 ميمبر سوار هئا. طالبان دعويٰ ڪئي هئي ته هنن اهو جهاز ڪيرايو آهي پر آمريڪي فوجي ترجمان ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو هو ته فني خرابي سبب جهاز تباهه ٿيو جنهن جي جاچ هلي پئي. طالبان اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ان ۾ آمريڪي سي آءِ اي جا اهم عملدار سوار هئا جيڪي به مارجي ويا آهن. ان جي به آمريڪي ترجمان تديد ڪئي آهي. مقامي صحافي عذني وال ايسو سيئيٽيڊ پريس يعني اي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن جهاز کي سڙندي ڏٺو هو جنهن ۾ لاش به هئا. آمريڪي فوجي ترجمان جو چوڻ هو ته هنن ٻنهي اهلڪارن جا لاش حاصل ڪري ورتا آهن. ابتدائي اطلاع موجب ٻڌايو ويو ته جهاز افغان ايئر لائن آريانا جو هو ۽ جهاز ۾ 80 مسافر ۽ عملي جا ماڻهو سوار هئا. فور طور تي فوتين ۽ زخمين بابت معلوم ناهي ٿي سگهيو. متاثره جهاز هرات مان ڪانل اچي رهيو هو ته غزني صوبي جي اوڀارين پاسي ڊيهڪ ضلعي جي پهاڙي علائقن ۾ ڪري تباهه ٿيو. ڄاڻايل علائقو طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهي. غزني صوبي جي گورنر جي ترجمان جهاز حادثي جي تصديق ڪندي چيو ته وڌيڪ معلومات ورتي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو