طالبان جي سپلاءِ روڪڻ ۾ پاڪستان مدد ڪري، حنيف اتمر

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي پرڏيهي کاتي جي وزير حنيف اُتمر پاڪستان کي اپيل ڪئي آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي ظالماڻيون ڪاروايون روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪري ۽ طالبن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ مدد ڪري. اهڙو اظهار هن جيو نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته اسانجي خطي ۾ موجود جنگجوئن کي اسين ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ عالمي ايجنڊا وارا القائدو ۽ داعش وارا آهن جيڪي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ به آهن. ٻيا ٽي ٽي پي، لشڪر طيبه ، جيش محمد، اسلامڪ موومنيٽ آف ازبڪستان، آءِ ٽي آءِ ايم، جندالله ۽ انصار الله آهن، هي گروپ روس، ايران، پاڪستان، انڊيا ۽ پوري خطي لاءِ خطرو آهن.هن چيو ته اسانکي پاڪستان مان وڏي اميد آهي ته هو مدد ڪندا. پاڪستان طالبان جي سپلاءِ ۽ سپورٽ روڪڻ ۾ مدد ڪري.هن چيو ته طالبان وڏي غلطي ڪري رهيا آهن اسين هر وقت هنن ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو آهي پر هو طاقت ۾ يقين رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو