طالبان جي ايجنڊا جو اعلان، ’عورتن کي شريعت موجب حق ملندا‘

ڪابل (ويب ڊيسڪ)طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان ڪنهن کان به انتقام نه وٺنداسين، پرڏيهين جي مدد ڪندڙ افغان شهرين کي به معاف ڪريون ٿا. افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن ڪابل تي طالبان جي قبضي جي ٻن ڏينهن بعد پهريون ڀيرو ميڊيا آڏو ظاهر ٿيندي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته  عالمي اصولن موجب دنيا کي سفارتي لاڳاپا رکڻ لاءِ آڇ ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامي شريعت موجب عورتن کي اهي سمورا حق ڏنا ويندا جن جي اسلام اجازت ڏئي ٿو. عورتن کي ملڪ جي هر ڪنڊ ۽ هر شعبي ۾ واضح ڪيل فريم ورڪ جي اندر ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي. دنيا اسان جي شرعي قانونن جو احترام ڪري. هن چيو ته ڪابل ۾ موجود سمورن پرڏيهين جو تحفظ اسان جو فرض آهي ڪا ڪوتاهي نه ٿيندي، ڪابل جا شهري محفوظ آهن اهي مطمئن رهن، سمورن مخالفن کي عام معافي ڏني آهي. سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس ڪابل کي ڇڏي هليا ويا هئا.

طالبان جو ڪمانڊ اسٽرڪچر ڇا آهي؟ هي به پڙهو

ڪابل ۾ ڪجهه شرپسندن جي بدامني سبب طالبان مداخلت ڪئي. افغان فورسز اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ عام شهرين کي نشانو بڻايو. طالبان ترجمان چيو ته سمورن افغانين جي مذهبي عقيدن ۽ روحاني قدرن جو احترام ڪريون ٿا. هن چيو ته اشرف غني لاپته آهي، هن جي باري ۾ اسان کي خبر ناهي. جلد افغان قوم کي قابل قبول سياسي قيادت ڏينداسين. عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ميڊيا افغان ڪلچر جو خيال ڪري کين گهربل آزادي هوندي. ڪابل شهر ۾ خاموشي آهي، ماڻهو گهرن تائين محدود آهن، سومر تي 8 شهرين جي مارجڻ بعد بند ڪيل ڪابل جو هوائي اڏو اڱاري تي کلي ويو ۽ سفارتڪارن ۽ پرڏيهين کي ٻاهر موڪلڻ بابت فوجي اڏامون شروع ٿي ويون آهن. شهر ۾ طالبان گشت ڪري رهيا آهن ۽ چوڪيون به قائم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو