طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان تي ڪھڙا اَثَرَ پوندا؟

جيمز لينڊيل

 اولھ جي ڪجھ ملڪن کي يقين آھي تہ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تي ٽئي ڌر جي اثر جو استعمال ڪري سگهجي ٿو. انھن ملڪن کي ھي بہ اميد آھي تہ پاڪستان ان حوالي سان ثالث وارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جا افغانستان سان الڳ قسم جا واسطا آھن. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ 2570 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد آھي. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڀائيواري بہ آھي. انھن جي وچ ۾ ڪيترا ئي ثقافتي، ٻولي ۽ مذھبي ڳاڊاپا موجود آھي. سابق افغان صدر حامد ڪرزئي ھڪ دفعي ٻنھي ملڪن جي باري ۾ چيو ھو تہ ھي ٻن اھڙن ڀائرن وانگر آھن جن کي ھڪٻئي کان الڳ نٿو ڪري سگهجي. پر ڪجھ ملڪ جيڪي پاڪستان سان پنھنجا تعلقات شروع ڪرڻ جي انتظار ۾ آھن، انھن وٽ ان حوالي سان مليل جليل راءِ ملي ٿي. ڪن جي مطابق پاڪستان جھادي دھشگردي واري جنگ جي خلاف سٺو اتحادي ثابت ناھي ٿيو. آمريڪا سميت ڪجھ ٻيا ملڪ ڊگهي عرصي کان وٺي ھي الزام لڳائيندا پيا اچن تہ ھي ملڪ طالبان جي مدد ڪري ٿو. جڏھن تہ پاڪستان اھڙن الزامن جو انڪار ڪندو آيو آھي. ھاڻي اولھ جا ملڪ ھي چاھن ٿا تہ طالبان انھن جي شھرين کي پنھنجي ملڪ وڃڻ لاءِ محفوظ رستو ڏئي، انساني بنياد جي حوالي سان ملندڙ امداد جي راستو کولي ۽ بھتر حڪومت وارا نظام ھلائي.

پاڪستان جا افغانستان ۽ طالبان سان لاڳاپا ڪھڙا آھن؟

پاڪستان تي تنقيد ڪندڙ ھي الزام لڳائن ٿا تہ پاڪستان افغانستان ۽ طالبان لاءِ پنھنجو گهڻو ڪجھ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھي. آمريڪا ۾ 11_9 وارن حملن کان پوءِ (لڪيل طور تي) انھن حملن جي منصوبہ بندي افغانستان ۾ ڪئي وئي. پاڪستان نالي ماتر ھن جنگ جي خلاف آمريڪا جو اتحادي بڻجي ويو. پر ان سان گڏو گڏ پاڪستان جي ملٽري ۽ انٽيليجنس اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھ ماڻھن افغانستان ۾ طالبان جھڙن اسلامي ٺولن سان واسطا قائم رکيا. اِھو دعويٰ بہ ڪيو وڃي ٿو تہ اِھي واسطا ٻين مسعلن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪم آيا. پاليسي سازن جي مطابق پاڪستان جا افغانستان سان مفاد ڳنڊيل آھن. ھو ڪابل ۾ اھڙي حڪومت جو خواھشمند ناھي جيڪا ڀارت نواز ھجي. پاڪستان طالبان جي ڪڏھن ۽ ڪيتري حمايت ڪئي آھي ھي ھڪ غير واضع ڳالھ آھي. پر جڏھن 20 سال پھريان طالبان اقتدار ۾ ھئا تڏھن پاڪستان انھن ٿورن ملڪن ۾ شامل ھيو جن طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو ھو. گذريل ھفتي جڏھن طالبان ڪابل جو انتظام سنڀاليو تہ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو ھو تہ افغانستان ۾ ماڻھن غلاميءَ جي زنجيرن کان آزادي ماڻي ورتي آھي.

پاڪستان ڪھڙي ڳالھ جي ڪري پريشان آھي؟

تاريخي حوالي سان پاڪستان طرفان طالبان جي حمايت جو ھرگز مطلب اھو ناھي تہ ھي طالبان جي ڪابل تي حڪومت سان مڪمل طور تي خوش آھن. پاڪستان ڊگهي عرصي کان وٺي افغانستان جي طرف کان اسلامي گروھن جي طرفان نشانو ٿيندو رھيو آھي. پاڪستان جو مفاد ھاڻي ان ڳالھ سان جڙيل آھي تہ ھو ڪابل ۾ نئي طالبان حڪومت کي چئي ڪري القائدا ۽ نام نھاد دولتِ اسلاميہ خراسان جھڙن گروھن جي خلاف ڪاروائي کي يقيني بڻائي. ان جو واضع مطلب ھي آھي تہ پاڪستان جو مفاد بہ ان ۾ ئي آھي تہ طالبان سخت ڪاروايون ڪن ۽ افغانستان ۾ پنھنجي حڪومتي عمل دخل کي يقيني بڻائي. پاڪستان جو ٻيو وڏو مسعلو پناھ گيرن جي بحران بابت آھي. پاڪستان ۾ پھريان ئي اڳ وارين جنگين جا تقريبن 3 ملين تائين افغان پناھ وٺندڙ پاڪستان ۾ موجود آھن ۽ ھاڻي پنھنجي ڪمزور معيشت سان وڌيڪ پناھگيرن جي ميزبانيءَ جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جو برطانيہ ۾ ھاءِ ڪميشنر معظم خان بي بي سي ٽوڊي واري پروگرام ۾ ٻڌايو تہ اسان وڌيڪ پناھگيرن جو بار برداشت نٿا ڪري سگهون ۽ ان حوالي سان اسان ھي راءِ ۽ عرض بہ ڪيو ٿا تہ اسان کي گڏجي ويھي ڪري ھن قسم جي صورتحال کان بچڻ جو ڪو رستو ڳولڻ گهرجي. تنھن ھوندي بہ آمريڪا طرفان پاڪستان جي خلاف رايو ٻين اولھ جي ملڪن تي گهڻو اثر انداز نہ ٿي رھيو آھي. گذريل ڏينھنن جي دوران  برطانيہ ۽ جرمني جي وزراءِ خارجہ  اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ اٽلي جو وزير خارجہ بہ جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ وارو آھي. سفارتڪارن جو خيال يا انھن کي ھي اميد آھي تہ اڄ بہ پاڪستان جو طالبان تي غلبو آھي. انھن کي ھي خوف آھي تہ پاڪستان سان تعلقات ختم ڪرڻ جو مطلب ھتي چين جي وڌيڪ مقبوليت ۾ وڌاءُ ڪرڻ جھڙو آھي. سوال ھي آھي تہ ڇا واقعي پاڪستان طالبان تي اثر رکن ٿا؟ ملان عبدالغني بردار جنھن جي باري ۾ نئي طالبان حڪومت جي سربراھ طور ٻڌايو وڃي ٿو تہ ھي ماضي ۾ پاڪستان ۾ قيد رھيو آھي. اڃا ان ڳالھ جو فيصلو ٿيڻو آھي تہ ھن جا پنھنجي گذريل جيلر (پاڪستان) سان تعلقات ڪھڙا رھندا.(هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو جيڪو  جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو