طالبان جو ملٽري بيس تي حملو، 7 افغان فوجي مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي اُتر علائقي ۾ فوجي اڏي تي طالبان جي حملي ۾ 7 افغان فوجي مارجي ويا. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق افغان جي وزارت دفاع ٻڌايو آهي ته دهشتگردن ازبڪستان جي سرحد ويجهو بلخ صوبي جي ضلعي دولت آباد ۾ گڏيل فوجي اڏي تي حملو ڪيو. هن ٻڌايو ته ملٽري بيس فوج ۽ افغانستان جي خفيه انٽيلي جنس ايجنسي نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي طرفان گڏيل طور تي استعمال ڪئي ويندي آهي. وزارت دفاع هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان حملي جي نتيجي ۾ 7 افغان فوجي مارجي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي آهن. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته حملي ۾ نيشنل ڊائريڪٽوريٽ آف سيڪيورٽي عملي جا 3 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ح۾لي ۾ 20 فوجي اهلڪار مارجي چڪا آهن جن ۾ هڪ ڪمانڊر به شامل آهي. ذبيح الله مجاهد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽڙ تي ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته حملي ۾ 6 سپاهي زخمي ۽ 4 گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ فوجي اڏي تي قبضو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته افغان طالبان قندوز ۾ حملي ۾ آمريڪي اهلڪار جي مارجڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. عهديدار سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته فوجين جي موت حملي جي نتيجي ۾ نه ٿي آهي جنهن جي طالبان دعويٰ ڪري رهيو آهي. 5 مئي تي طالبان افغانستان جي صوبي فراه ۾ هڪ فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري 20 اهلڪارن کي ماري 2 ڄڻن کي اغوا ڪيو هو.  ان کان اڳ فيبروري ۾ افغانستان ۾ افغان طالبان صوبي قندوز ۾ قائم آرمي بيس تي حملو ڪري 26 سيڪيورٽي اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو