طالبان جو تنظيمي ڍانچو، اهم اڳواڻ ڪهڙا ڪهڙا آهن؟

افغانستان ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي لاءِ ڪوششون جاري آهن افغانستان جي سربراھي لاءِ ڪھڙي طالبان اڳواڻ جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي ان حوالي سان ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن تيز رفتاري سان افغان طالبان ڪابل تي قبضو ڪيو آهي، ان ڳالھ عالمي مبصرن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. طالبان جيڪو سفر تقريبن هڪ مهينو اڳ قنڌار کان شروع ڪيو هو، ڪابل تي قبضي تائين پڄاڻي تي پھتو آھي. ھاڻي افغان طالبان لاءِ اصل چئلينج  اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت ڪرڻ آھي. اهڙي صورتحال ۾ ڪيترن ئي ماڻھن جي ذهن ۾ اهو سوال آهي ته ڇا افغان طالبان وٽ اھڙي قيادت ۽ ٽيم موجود آهي جيڪا حڪومت جو نظام بهتر طريقي سان هلائي سگهي. ان سوال جو جواب ڏيڻ کان پھريائين اھو ڄاڻڻ ضروري آھي ته طالبان جي تنظيمي ڍانچي ۾ڪنھن کي ڪھڙي ذميواري مليل آھي ۽ انھن ۾ ڪھڙيون صلاحيتون آھن.

طالبان جو تنظيمي ڍانچو

Courtesy BBC

اڄ به طالبان جي تنظيمي ڍانچي ۾ اهي طالبان اڳواڻ موجود آهن جيڪي ماضي ۾ افغانستان تي طالبان جي حڪومت ۾ اهم عهدن تي رهيا آهن. هن وقت طالبان اھم اڳواڻن ۾ تنظيم جو امير ملا هيبت الله اخونزاده ۽ سندس ٽي نائب ملا عبدالغني برادر ، ملا محمد يعقوب ۽ سراج الدين حقاني شامل آهن.

ملا هيبت الله اخونزاده

Mulla Haibatullah

هن وقت افغان طالبان يا امارت اسلامي افغانستان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله اخونزاده آهي.ملا هيبت الله جيڪو ملا اختر منصور جي 2016 ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجڻ کانپوءِ افغان طالبان جو امير مقرر ڪيو ويو هو، چيو وڃي ٿو ته هو طالبان جي تحريڪ جو حصو رهيو ان جي شروعات کان گهڻو پوءِ. بي بي سي سان ڳالهائيندي افغان معاملن جي ماهر صحافي رحيم الله يوسفزئي چيو ته ملا هيبت الله 33 رڪني افغان طالبان تحريڪ جو حصو نه هو جيڪا 1994 ۾ قنڌار کان شروع ٿي هئي.هن چيو ته ملا هيبت الله حقيقت ۾ هڪ مذهبي اڳواڻ آهي جنهن کي وڙهڻ جو گهڻو تجربو ناھي  پر طالبان هن وقت گروھن جو شڪار آھن، ان سبب جي ڪري  هڪ مذهبي اڳواڻ کي رياست جو سربراهه مقرر ڪيو ويوآھي  ته جئين ماڻهو گهڻو اعتراض نه ڪن. ملا هيبت الله طالبان جي فوجي ڪاررواين جي حق ۾ فتويٰ جاري ڪندو رهيو آهي. هو 2001 کان افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت دوران عدالتن جو سربراهه پڻ رهيو. طاهر خان صحافي، جيڪو افغان معاملن ۾ ماهر آهي بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته ملا هيبت الله قنڌار ۾ هڪ مدرسو هلائيندو رهيو آھي جنهن ڪري ڪيترائي طالبان کيس پنهنجو استاد سڏين ٿا. هيبت الله جي عمر 45 کان 50 سالن جي وچ ۾ آهي ۽ ھي قنڌار جي علائقي پنجوايي ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق نورزئي قبيلي سان آهي.چيو وڃي ٿو ته هيبت الله اخونزاده طالبان جو رخ ۽ رفتار کي تبديل ڪيو ۽ تنظيم کي واپس ان جي ڍانچي واري حالت اندر آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.طالبان جي ڳڙھ قنڌار جي گاديءَ واري شھر مان ھجڻ ڪري ھن کي طالبان تي پنھنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ۾ مدد پڻ ملي. هن 1980ع ۾ افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف جنگ ۾ ڪمانڊر طوربه ڪم ڪيو هو، پر هڪ فوجي ڪمانڊر کان وڌيڪ ھي هڪ مذهبي اسڪالر طور گهڻو مشھور آھي. هو طالبان جي اعليٰ اڳواڻن  مان هڪ اھم اڳواڻ آهي جڏهن کان هو افغان طالبان جو سربراهه بڻيو آهي ۽ مذهبي معاملن تي طالبان طرفان  حڪم جاري ڪندو رھيو آهي. هن اھو حڪم پڻ ڏنو هو ته قاتلن ۽ جيڪي غير قانوني جنسي تعلق رکن ٿا انھن جو سر قلم ڪيو ۽ چور جو ھٿ ڪپيو. هيبت الله طالبان سربراهه اختر محمد منصور جو نائب پڻ رھيو. محمد منصور مئي 2016 ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو. سندس وصيت ۾محمد منصور هيبت الله کي پنهنجو جانشين قرار ڏنو هو. خبر ڏيندڙ اداري اي ايف پي جو چوڻ هو ته وصيت سندس تقرري کي قانوني شڪل ڏيڻ جي لاءِ ھئي، پر طالبان سندس چونڊ گڏيل فيصلي تحت ڪئي.

ملا عبدالغني برادر

Courtesy BBC

 جيتوڻيڪ طالبان ۽ آمريڪا دوحا ۾ قطر امن ڳالھين واري معاھدي دوران طالبان جي هڪ مڪمل ٽيم  شامل هئي جيڪو فيبروري 2020 ۾ ٿيو. ملا عبدالغني برادر ان معاھدي تي دستخط ڪئي ۽ ان وقت کان هو عالمي اسٽيج تي ممتاز ٿيو. ملا عبدالغني برادر افغانستان جي اسلامي امارات جو نائب امير آھي ۽ قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جو انچارج پڻ آھي. ملا عبدالغني برادر ملا برادر جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ملا برادر جو تعلق پوپلزئي قبيلي سان آهي. هي قبيلو افغانستان ۾ تمام بااثر سمجهيو وڃي ٿو ۽ اڳوڻو افغان صدر حامد ڪرزئي به هن قبيلي سان تعلق رکي ٿو. ھن قبيلي سان واسطو رکندڙ خاندان سرحد جي ٻنھي پاسن کان رھن ٿا، پاڪستان جي بلوچستان صوبي  ۽ پشاور ۾ پڻ رھن ٿا. اھو چيو وڃي ٿو ته ھن جو تعلق ڏکڻ افغان جص ضلعي اورزگان سان آھي، پرھو ڪيترن سالن کان افغان صوبي قنڌار ۾ رھي ٿو، جيڪو طالبان جي ڳڙھ طورسڃاتو وڃي ٿو. افغانستان ۾ طالبان جي ڪاررواين جي نگراني ڪرڻ کان علاوه ، ملا عبدالغني برادر تنظيم جي ڪائونسل آف ليڊرز ۽ تنظيم جا مالي معاملا به ھلائي ٿو. افغان معاملن جي ماهر رحيم الله يوسفزئي چيو ته ملا عمر ۽ ملا برادرافغان طالبان جا اڳوڻا امير ساڳئي مدرسي ۾ تعليم ڏيندا هئا ۽ طالبان جي باني اڳواڻن ۾ ھنن جو شمار ٿئي ٿو، جنهن جو بنياد 1994 ۾ پيو. ملا برادر طالبان جي دور ۾ هرات صوبي جو گورنر ۽ طالبان جي فوج جو سربراھ به رھيو آھي. افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر صحافين ۽ ماھرن جو چوڻ آھي ته جڏھن ملا محمد عمر افغانستان ۾ طالبان جي تحريڪ شروع ڪئي ته ملا برادر انھن ٿورن ماڻھن مان ھڪ ھيو جنھن ھٿيار کنيا ۽ ھر طرح سان طالبان اڳواڻن جي مدد ڪئي ۽ تحريڪ جي ڪاميابي تائين انھن سان گڏ رھيو. بهرحال جڏهن طالبان جي حڪومت قائم ٿي ان وٽ ڪو خاص عھدو نه هو کيس بعد ۾ هرات جو گورنر بڻايو ويو. 2001 ۾ جڏهن طالبان جو آمريڪا جي اڳواڻي ۾ افغانستان مان اقتدار ختم ڪيو ويو ھن نيٽو فوج خلاف جنگ جي ڳواڻي ڪئي. ان کان پوءِ فيبروري 2010 ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي  گڏيل ڪاروائي دوران ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو. طالبان ۽ افعان حڪومت امن ڳالھين دوران ملا عبدالغني برادر قيدين جي آزاديءَ واري لسٽ ۾ سڀ کان مٿانھون رھيو.کيس پاڪستاني حڪومت پاران سيپٽمبر 2013 ۾ آزاد ڪيو ويو پر اهو واضح ناهي ته هو بعد ۾ پاڪستان ۾ ئي رهيو يا ڪنهن ٻئي ملڪ ھليو ويو. ملا برادر طالبان اڳواڻ ملا محمد عمر جو قابل اعتماد سپاهي ۽ نائب رهيو. سينيئر افغان انتظاميا جا آفيسر هميشه يقين رکندا آيا آهن ته  ملا برادر جھڙو ماڻھو ئي طالبان کي امن وارين ڳالهين لاءِ راضي ڪري سگهي ٿو. هو طالبان جو نائب دفاع وارو وزير به  رهيو جڏهن طالبان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو. هڪ افغان اهلڪار بي بي سي کي سندس گرفتاري کانپوءِ ٻڌايو ته سندس زال ملا عمر جي ڀيڻ هئي. ملا برادر ئي طالبان جي پئسن جي آمدنيءَ ۽ خرچ تي نظر رکي ٿو. هي افغان فورسز خلاف طالبان جي خوفناڪ حملن جو اڳواڻ به آھي. ٻين طالبان اڳواڻن وانگر، ملا برادر تي گڏيل قومن پاران پابندي لڳائي وئي ان جي سفر۽ هٿيار خريد ڪرڻ تي. هن 2010 ۾ گرفتاري کان اڳ ڪجهه عوامي بيان پڻ ڏنا، هن چيوھو ته اسان جو جهاد تيستائين جاري رهندو جيستائين دشمن اسان جي ملڪ مان ختم يا نڪري نه وڃي.

مولوي محمد يعقوب

Son of Mulla Omer, Mulla Yaqoob

افغانستان ۾ طالبان تحريڪ جي اڳوڻي امير ملا محمد عمر جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ مولوي محمد يعقوب پڻ افغان طالبان امارات لاءِ اميدوار رهيو آهي. مولوي محمد يعقوب کي تحريڪ جي فوجي ڪميشن جو سربراھ مقرر ڪيو ويو ۽ ھن طالبان کي آمريڪا سان ڳالھين دوران افغانستان ۾ تشدد بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. مولوي محمد يعقوب افغان طالبان جو نائب امير پڻ آهي ۽ هن سال مئي ۾ کيس سيڪيورٽي چيف جو اضافي عهدو ڏنو ويو هو. هن کي سڀ کان پهريان ملا هيبت الله افغان طالبان جو سپريم ليڊر مقرر ڪيو هو. طالبان ذريعن ٻڌايو ته مولوي محمد يعقوب پنهنجي ابتدائي تعليم پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي هڪ مدرسي مان حاصل ڪئي. اھڙيون خبرون پڻ آھن ته مولوي محمد يعقوب ظاھري طور ھڪ سياسي ۽ فوجي فھم رکڻ وارو نوجوان ماڻھو آھي ۽ اھو ھن پوسٽ تي فوجي ونگ ۽ سياسي ونگ جي رابطي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ا ڳوڻو سفارتڪار رستم شاھ مهمند  جيڪو افغان معاملن ۾ ماهر آھي  چوي ٿو ته مولوي محمد يعقوب کي طالبان تحريڪ ۾ اھم شخصيت سمجھيو وڃي ٿو ۽ ھن سان ئي اڪثر مشاورت ڪئي ويندي آھي. سينيئر صحافي طاهر خان بي بي سي کي ٻڌايو ته مولوي يعقوب جو نالو وڌيڪ معتبر آهي ڇو ته هو ملا محمد عمر جو پٽ آھي  ان ڪري طالبان جي اندر ان کي قدرجي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته مولوي يعقوب  فوجي ونگ ۾ شامل  آهي. جڏهن طالبان ۽ ملا عمر جي خاندان جي وچ ۾ ڳالهيون ڪيون ويون ته ملا عمر جي ڀاءَ عبدالمنان آخوند ۽ مولوي يعقوب کي عھدا ڏنا. ملا عمر جي ڀاءَ کي ان وقت تحريڪ جي امارات جي نالي بابت تحفظات ھئا. ان وقت مولوي يعقوب کي ڪجهه صوبن جي فوجي ونگ جو سربراھ مقرر ڪيو ويوھو.

سراج الدين حقاني

افغان طالبان جو ٻيو نائب سراج الدين حقاني آهي جنھنجو تعلق سندس والد جلال الدين حقاني جي حقاني نيٽ ورڪ سان آھي. جلال الدين حقاني حقاني نيٽ ورڪ جي سربراھ جو تعلق افغانستان جي صوبي پڪتيڪا سان آھي ۽ پاڪستان جي اتر وزيرستان جي قبائلي علائقي ۾ ھن جون ملڪيتيون به آھن. 1980 جي  ڏهاڪي ۾ سوويت يونين تي افغانستان جي قبضي جي دوران ا تر وزيرستان کان هنن منظم آپريشن ڪيا.  اھو وقت کان اڳ نٿو چئي سگهجي ته ھن وقت افغانستان جي قيادت ڪير ڪندو؟ افغان طالبان جي اھم اڳواڻ ۽ اڳوڻو سفير ملا عبدالسلام ضعيف، بي بي سي کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ سياسي سطح تي جوڙ توڙ جاري آهي ۽ افغانستان مان هڪ ڪميشن کي قطر  (سومر) تي پھچڻوھو پر ڪجھ شيون تمام جلديءَسان تبديل ٿي ويون آھن. هن چيو ته اهو طئي ڪيو ويو  ته ڪميشن صدر اشرف غني جي استعيفيٰ ۽ مڪمل اختيارن جي منتقلي کي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته اهو پڻ طئي ڪيو ويو هو ته افغان طالبان معاهدي جي حتمي ٿيڻ تائين ڪابل ۾ داخل نه ٿيندا  پر اوچتو صورتحال هڪ نئون رخ اختيار ڪيو آھي. طالبان کي ڪابل ۾ داخل ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن ھو ڪابل ۾ امن قائم ڪري سگهن، ڇاڪاڻ جو حڪومتي ادارا  پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آھن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته طالبان جو ڪهڙو اڳواڻ افغانستان ۾ اڳواڻي ڪندو. ”جيستائين ڳالهيون جاري رهنديون ۽ اقتدار جي پرامن منتقلي جو مرحلو مڪمل نه ٿيندو ، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي ته رياست جو سربراهه ڪير ٿي سگهي ٿو. هي مضمون بي بي سي اردو سروس تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار جي پڙهندڙن لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو