طالبان تي ڀروسو ناهي، ڏسجي ته هو ڪن ڇا ٿا؟ آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس چيو آهي ته طالبان جي ڳالهين تي يقين نه آهي، جيڪو چئي رهيا آهن ان تي عمل ڪڏهن ٿيندو، اهو ڏسڻو پوندو ته سندن قول ۽ فعل ۾ ڪيتري سچائي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته طالبان انساني حقن بابت ڪيل واعدن تي عمل ڪندا، جيڪڏهن طالبان چون ٿا ته هو شهرين جي حقن جو احترام ڪندا ته اميد ڪريون ٿا ته هو پنهنجي بيان تي ثابت قدم رهندا. ٻئي پاسي وائٽ هائوس ۾ بريفنگ ڏيندي امريڪي سلامتي جي مشير جيڪ سيلوان چيو ته طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو سوال وقت کان اڳ آهي، طالبان جو ٽريڪ ريڪارڊ سٺو ناهي رهيو، طالبان جي طرز عمل تي منحصر ٿيندو ته دنيا کي ڏيکارين ته هو ڪير آهن ۽ ڪيئين اڳتي وڌڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي مشير تسليم ڪيو ته طالبان آمريڪي هٿيار ۽ اوزارن جي وڏي ذخيري تي قبضو ڪيو آهي، احساس آهي طالبان هي سامان آساني سان واپس نه ڪندا، هن چيو ته ڪابل تي طالبان جي قبضي کانپوءِ امريڪي صدر ڪنهن به عالمي اڳواڻ سان ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي ۽ خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو