طالبان افغانستان ۾ جنگ بندي جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان آمريڪي ميڊيا تي هلندڙ جنگ بندي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪونسل جي اجلاس ۾ افغانستان ۾ عارضي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب طالبان سربراهه جنگ بندي جي منظوري ناهي ڏني پر جنگ بندي تي آمريڪا سان امن معاهدي تي دستخط ڪيا ويا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪونسل جي اجلاس کان پوءِ مذاڪراتي ٽيم قطر لاءِ رواني ٿي وئي آهي ۽ امن معاهدي تي دستخط جي ٻن هفتن اندر انٽرا افغان مذاڪرات شروع هجڻ جي توقع آهي. امن معاهدي جا بنيادي نڪتا افغان گروهن وچ ۾ سڌو سنئون مذاڪرات ۽ عارضي جنگ بندي جي تجويز افغان امن جي آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد مذاڪرات جي گذريل دور ۾ پيش ڪيون ويون هيون. ٻئي طرف قطر ۾ طالبان جي سياسي دفتر جي ترجمان سهيل شاهين افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي جنگ بندي جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون. سهيل شاهين جو چوڻ هو ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو اڳواڻن جي مشاورت کان پوءِ فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو