طالبان: اسان بدلياسين ۽ نه وري اوهان

ليکڪ  محمد حنيف 

ڪابل شهر ۾ ڌماڪو ٿئي ٿوحملي جو نشانو بڻجندڙ الله اڪبر جي تڪبير بلند ڪن ٿا. مون کي يقين آهي ته حملو ڪندڙن به اها ئي تڪبير بلند ڪئي هوندي. سوين ميل پري ويٺل اسان پاڪستانين جون ڪجھ ڀينرون ۽ ڀائر ”سبحان الله“ چون ٿا. ڪجھ طالبان جي جذباءِ جهاد تي ته وري ڪجھ انهن جي حوصلي تي جيڪي پنهنجا ٻچا طالبان جي هٿا مارائي به سبحان الله چون ٿا. جئين جئين طالبان جبلن کان لھي شهر جي طرف وڌي رهيا آهن ۽ گھٽين ۾ لاش ڪيرائي رهيا آهن، اسان جا سياسي، مذهبي،عسڪري تجزيه نگارن جو جوش ۽ جذبو تعريف جي قابل آهي. ”چشم ماروشن، دل ماشاد، جي آيانو،تم آئي بحار آئي، ڀلي ڪري آيا“ جهڙو ماحول ٺاهيو پيو وڃي. اسان 20 سال پهريون ئي چئي ڇڏيو هو ته ڪابل جا وارث طالبان آهن ۽ هاڻي هو ڪابل تي قبضو ڪري مومن مون سان وڙهندو ۽ پوءِ طالبان جي فتح ٿيندي.اسان پنهنجي گھرن ۾ ويهي هن جهاد ۾ هڪ اخلاقي فتح حاصل ڪنداسين.صوفن تي ويهي ڪري هن جهاد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ۽ ثواب حاصل ڪنداسين. جيڪڏهن ايتري خونريزي نه ٿي ها ته اسان شايد طالبان سان پيار جو اظهار سري عام ڪيو ها. پراسان جي هن پيار جي شوق ۾ حڪومت پاڻ ٿي چوي ته اسان 70 هزار جانيون قربان ڪيو آهن، جنهن ۾ فوجي اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ معصوم ٻار نه شامل آهن ۽ برقعو پاتل عورتون به، جيڪي گھر گھر وڃي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پئارينديون هيو. وڏين طاقتن جي وڏن مقصدن لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻو پونديوون آهن، ٻنهي طرفن کان الله اڪبر جو نعرو بلند ڪرڻ وارا اسان جا مومن ۽ لبرل ان ڳالھ تي متفق آهن ته اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. اڄ تائين اسان کي انهن قربانين جو مقصد ڪنهن به سمجهائيو ناهي. هاڻي هي وقت به اچي پهتو آهي جو ڪو به  اسان کي طالبان سان وڙهڻ لاءِ ڏيهاريءَ جا پئسا ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي ۽ نه ئي وري طالبان کي سادي لباس وارا، هوشيار ۽ معصوم چوڻ تي شاه محمود قريشي کي ڪو امن جو انعام ملندو. هتي اسان جا ڪجھ ريٽائرڊ جنرل حضرات ۽ حاضر سروس صحافي دوست طالبان جي واپسي تي جھمريو پائي رهيا آهن. جھڙي طرح اسان جي عسڪري قيادت پارلمينٽ جا دروازا بندي ڪري اسان جي چوڊيل نمائندن کي اچڻ وارن خطرن کان آگاه ڪيو هو، ڪاش اهڙي ئي طرح هڪڙي ڪلاس جشن ملهائيندڙگذريل جنرلن کي به ڏيڻ گھرجي ۽ انهن ڪي هٿ ٻڌي سمجھاڻي ڏجي ته طالبان کي نچڻ وارا پسند ناهن پوءِ ڇو نه اهي جھمريون انهن جي حمايت ۾  ئي پاتيون وڃن، پوءِ ڀلي اهي اسان جا قابلي احترام جنرل ئي ڇونه هجن. طالبان جا سڄڻ،دشمن ۽ اسان سڀ ان ڳالھ تي متفق آهيو ته هي خون خرابو آمريڪا جو ڪرايل آهي. آمريڪا جي ناڪامين ۽ نالائقي جو بار پهريون طالبان تي ۽ پوءِ وري اسان تي ئي ڪرندو. اهو سڀ ڪجھ ڄاڻيندي، ڇا اسان کي آمريڪا جي صدر جي مس ڪال جو انتظار ڪرڻ گھرجي يا پوءِ وري ڪنهن بند ڪمري ويهي آرمي پبلڪ اسڪول جون ساوا سويٽر پاتل شهيدن جو تصويرون ڏسڻ گھرجن ۽ سوچجي ته هاڻي ڇا ڪجي. اسان آرمي پبلڪ اسڪول جي قاتل کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو، هلو اهو مڃي ٿا وٺو ته احسان الله احسان قاتل نه پر قاتلن جو ترجمان هو، پر اهڙين ڪريل جنهگين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي دشمن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ان کي گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، پنهنجي قاتل کي پنهنجو اثاثو سمجھي ڪري ان سان  هلڻ گھرجي  ۽ اهو معلوم هجڻ گھرجي ته ڇا طالبان اسان جو اثاثو آهن يا اسان طالبان جو اثاثو ٿي ويا آهيون ۽ جڏهن طالبان جبلن کان لهي اسان کي سٺو مومن ڪرڻ لاءِ اسان جي مسجدن ۽ اسڪولن جو رخ ڪندا ته پوءِ الله اڪبر جو پهريون نعرو هو هڻندا يا وري اسان هڻنداسين.(محمد حنيف هي ڪالم بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو.) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو