طالبان، ڏاڙهي جي ڇوٽ جو سرٽيفڪيٽ ۽ ميڪ اپ جو دوڪان

ليکڪ اقبال خٽڪ
15 آگسٽ 2021 تي طالبان افغانستان جي گاديءَ واري ھنڌ ڪابل تي قبضو ڪري ورتو آھي. طالبان ان کان پھريان 90 جي ڏھاڪي ۾ افغانستان تي حڪومت ۾ پڻ رھيا. سن 1988 کانپوءِ مون کي افغانستان ڪيترا ئي ڀيرا وڃڻ جو اتفاق رھيو، ڪڏھن ذاتي حوالي سان تہ وري ڪڏھن صحافي طور يا جرگه ميمبر يا وري ھڪ استاد جي حوالي سان. پھريون دفعو عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ خدائي خدمتگار تحريڪ جي باني خان عبدالغفار خان جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ جلال آباد وڃڻ ٿيو. ھي سفر تمام ڏکيو رھيو ڇو جو ان موقعي تي ٿيندڙ بم ڌماڪي ۾ کوڙ سارا ماڻھو اجل جو شڪار بڻيا. افغانستان وڃڻ جي لاءِ ماضي ۾ مون ڪڏھن ايترو نہ سوچيو جيترو مارچ 2001 ۾، جڏھن ھڪ اولھ جي ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪابل جي دعوت وصول ٿيندي سوچيو. جڏھن کان طالبان تنظيم سياسي آسمان تي ظاھر ٿئي، منھنجو انھن سان ڪڏھن بہ سنئو سڌو واسطو نہ پيو، ان ڳالھ جي ھوندي جو مان 1989 کان صحافت ڪندو پيو اچان. ھن دعوت کي قبول ڪرڻ ۾ مون کي ٻہ ھفتہ لڳي ويا، ڇو جو مون کي ۽ ”رپورٽرز ود آوٽ باڊرز“ جن لاءِ مان پاڪستان ۾ آزاديءِ صحافت ۽ صحافين جي حقن جي حوالي سان سن 1999 کان حالات جو جائزو وٺي رھيو آھيا. ان لاڳاپي جي ڪري مون کي ڳڻتي ھئي، تہ طالبان شايد مون کي سيپٽيمبر 2000 ۾ ”طالبان ۽ ميڊيا“ جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ جي پس منظر ۾ ڪو نقصان نہ پھچائن. سيپٽيمبر 2000 ۾ شايع ٿيندڙ پنھنجي عنوان جي حوالي سان ھي پھرين رپورٽ ھئي جنھن جي ذريعي دنيا کي خبر پئي تہ طالبان جي قبضي ھيٺ ميڊيا ڪٿي بيٺي آھي ۽ ان کي ڪيتري آزاد حاصل آھي. پر جڏھن ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي ويو ان کان پوءِ وڏي رنڊڪ ويزا حاصل ڪرڻ ھئي. ان وقت نہ ئي مان ۽ نہ وري طالبان مون کي سڃاڻيندا ھئا. ھڪ دوست ٻڌايو تہ اسلام آباد ۾ رھندڙ ھڪ صحافي، جيڪو طالبان جي ويجهو سمجهيو وڃي ٿو، ان کان جيڪڏھن مدد ورتي وڃي تہ ممڪن آھي اسان کي آسانيءَ سان ويزا ملي وڃي.

Photo Courtesy BBC
ان دور ۾ صحافي يا ڪو بہ عام ماڻھو گهڻي ڀاڳي افغانستان جي ويزا اسلام آباد ۾ افغانستان واري سفارت خاني مان ئي حاصل ڪندا ھئا، ان وقت دنيا مان صرف ٽن ملڪن ئي طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪيو جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ متحدہ عرب امارات شامل ھيا. طالبان جي پھرين دوري حڪومت ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ھڪٻئي جي شھرين کي مفت ويزا ڏيندا ھئا. ان ڪري مون کي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا بہ رقم نہ ڏيڻي پئي، جڏھن تہ اولھ جي ميڊيا ٽيم ڪجھ ڊالر ويزا لاءِ ادا ڪيا. طورخم کان ڪابل تائين جو سفر ڏاڌو مشڪل رھيو. سفر جي دوران اسان اڪثر خاموش ئي رھيا سين. شايد ان جي وجھ اندر جو خوف ھيو. اسان 5 اپريل سن 2001 تي طورخم جي رستي ڪابل جي لاءِ روانا ٿياسين. طورخم بارڊر جي ھن طرف ھڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ ھڪ نوجوان اميگريشن آفيسر مون کان ڪابل وڃڻ جو سسب معلوم ڪيو ۽ جواب ڏيڻ تي منھنجي ۽ منھنجي ساٿين جي پاسپورٽ تي داخلي جي مھر ھڻي ڇڏي. رستي جي ٿڪاوٽ ڪابل جي ڪانٽينيٽل ھوٽل ۾ بھتر ننڊ سان ختم ٿي وئي. ٻئي ڏينھن وزارت خارجہ ۾ اچڻ جي باري معلومات ڏيڻي ھئي. ھي ھڪ ضروري عمل ھيو ۽ ھر غيرملڪي صحافي کي انجام ڏيڻو ھو. ھڪ وڏي ڪمري ۾ اسان کي ويھاريو ويو. ڪجھ دير کان پوءِ ھڪ نوجوان پَٽِڪي سان آيو ۽ سلام سان گڏ فرانسيسي اخبار ”لي موند“ چانھ جي ميز تي اڇلائي اتان ھليو ويو. مون کي فرانسيسي زبان جي بلڪل بہ ڄاڻ ناھي پر لي موند جي اھم اسٽوري ۾ ھڪ لفظ سمجھ ۾ ضرور آيو جيڪو طالبان ھيو. مان پنھنجي فرانسيسي ساٿي صحافي کان معلوم ڪيو تہ ليڊ اسٽوري ڪنھن جي باري ۾ آھي. ان جواب ۾ چيو تہ ھي طالبان جي خلاف ھڪ جامع تحقيقاتي خبر آھي. اھو نوجوان چاءِ سان گڏ ٻيھر ڪمري ۾ داخل ٿيو. مون ھن کان معلوم ڪيو تہ اسان کي اوھان ھي فرانسيسي اخبار ڇو ڏني آھي. ھن جواب ڏنو تہ اھا اخبار تنھنجي لاءِ نہ آھي. طالبان کي سڀ معلوم آھي تہ ڪير ڪٿي لکندو آھي. ھن نوجوان پشتو ۾ ھي سڀ چوندي چانھ پيئڻ لاءِ چيو ۽ ٻڌايو تہ تمام جلد اوھان جي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ٿي ويندو.اسين طالبان طرفان اھڙي زبردست ميڊيا جي باري ۾ خبردار رھڻ تي حيران رھجي ويا سين. جڏھن تہ ان وقت افغان سفارت خانوصرف ٽن ملڪن ۾ ڪم ڪري رھيو ھو. ڪير ۽ ڪھڙي طريقي سان ميڊيا جي مانيٽرنگ ۾ مدد ڪري رھيا ھئا؟ اولھ جي صحافين جي مسڪراھٽ منھنجي طرف ڏسڻ جي انداز مان مون کي اندازو ٿيو تہ شايد شڪ منھنجي ملڪ تي آھي. رجسٽريشن کان پوءِ ھڪ انگريزي زبان جو ترجميڪار اسان کي ڏنو ويو. ڪم تہ ان جو ترجمو ڪرڻ ھو پر ان جي اصل ڊيوٽي اسان جي جاسوسي ڪرڻ ھئي. ھونئن به گهڻا ئي ملڪ ۽ حڪومتون صحافين جي جاسوسي ڪنديون آھن. اسان پھريان ئي ڪجھ خاص رپورٽس جي حوالي سان تياري ڪئي ھئي، ان مان ھڪ طالبان طرفان عورتن جي حوالي سان سخت رويو رکڻ جي تياري بہ ڪئي ھئي. ڪابل جي شھر نو بازار ۾ ھڪ ھار سينگار جي دڪان کليل ڏسي حيراني ٿي. دڪان ھار سينگار جي سامان سان ڀريل ھيو. اسان جي حيراني کي ڏسندي دڪاندار لڪيل مسڪراھٽ چھري تي آڻيندي چيو تہ جي ھا، ھتي خريداري ٿيندي آھي. ان جي جواب سان اسان ۾ اھو معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو تہ ڪئين؟ دڪاندار ھڪ ئي ساھي ۾ ٻڌايو طالبان پاڻ ايندا آھن ۽ پنھنجي زالن جي لاءِ مختلف قسم جي ھار سينگار جو سامان خريد ڪندا آھن. طالبان پنھنجي زالن کي خوبصورت ڏسڻ پسند ڪن ٿا، جيتوڻيڪ ھو عورت جو بازار ۾ وڃڻ جي سخت خلاف آھن.
Photo Courtesy BBC

ٽي وي رپورٽنگ جي لاءِ فوٽيج تمام ضروري ھوندا آھن ۽ ان دور ۾ اسان جي لاءِ تصوير وٺڻ وڏو ڏکيو ڪم رھيو جنھن لاءِ ھو دڪاندار بلڪل راضي نہ ھو. ھو آن ڪيمران ڳالهائڻ لاءِ بلڪل راضي نہ ٿيو ڇو جو طالبان جي پھرين دور حڪومت ۾ ريڊيو ۽ ٽيلي وزن جي نشريات تي مڪمل پابندي ھئي. ھي مسلمان آھي ۽ پشتون بہ انشاالله ڏاڙھي بہ ضرور رکندو. وزارت خارجہ جو ترجيميڪار پشتو ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ڪابل يونيورسٽي ۾ پروفيسر بہ ھو، ھو صبح سويل اسان کي وٺڻ ھوٽل پھچي ويندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن تہ ايترو سويل ايندو ھو جو اسان اڃا ناشتو بہ نہ ڪندا ھئاسين. ترجميڪار جنھن کي اسان پروفيسر بہ سڏيندا ھئاسين، پھريان مون کان پشتو زبان ۾ حال احوال معلوم ڪندو ھو ۽ پوءِ چوندو ھو ڪا تڪليف يا مشڪل تہ ناھي. ھي جملو ھو ڏينھن ۾ ڪئي ڀيرا ورجائيندو ھو. ان جي اھڙي ورتاءَ منھنجي دل ۾ خدشا پيدا ڪيا ۽ مان سوچيندو ھئس تہ طالبان ۽ ميڊيا رپورٽس منھنجي لاءِ ڪا مشڪل نہ پيدا ڪن. پروفيسر صاحب علم نفسيات جي باري ٿورو ڄاڻيندو ھو ۽ شايد اھا ئي وجھ ھئي جو منھنجي خدشن کي ڄاڻيندي ھڪ ڏينھن مون کي ھن چيو ڪوبہ فڪر نہ ڪر تون اسان جو مھمان آھين. ڇا ٿيو جو تو اھا رپورٽ لکي آھي. ڪجھ لمحن لاءِ مون کي لڳو ڄڻ منھنجي دل جي ڌڙڪن رڪجي وئي آھي پر جلد ئي پنھنجي پاڻ کي تسلي ڏني تہ خدا خير ڪندو. ترجميڪار ھڪ اھڙي مسئلي جي طرف اسان جي توجھ بہ ڏياري جنھن جي لاءِ اسان سوچيو ئي نہ ھو. ھن چيو تہ بازارن ۾ گهمندي اسان کي ان ڳالھ جو خيال ڪرڻ گهرجي تہ اھو وقت نماز جو تہ ناھي ڇو جو ”امر بالمعروف ونھي عن المنڪر“ پوليس اھڙن ماڻھن سان سختي سان پيش ايندي آھي جيڪي نماز جي وقت مسجد ۾ ناھن ھوندا. ھڪ ڏينھن شھر نوبازار ۾ اسان جو ٽڪراءُ ان اسپيشل پوليس فورس سان ٿيو. ھڪ اھلڪار مون کان پڇو ڏاڙھي ڇو نٿو رکين؟ مان پنھنجي پاڻ کي ٻئي ملڪ جو ماڻھون ڄاڻائيندي چيو ڇا اھا غير ملڪن واران ماڻھن لاءِ بہ رکڻ لازمي آھي؟ ان اھڪار غصي ۾ جواب ڏيندي چيو ڇا تون مسلمان ناھين؟ ان وقت اسان جي ترجيميڪار ان اھلڪار کي چيو ھي مسلمان آھي ۽ پشتون بہ… انشااللھ ڏاڙھي ضرور رکندو. ھي ٻڌي ڪري اھي اھلڪار ھليا ويا ۽ اسان شھر نو بازار جي مشھور ھرات ريسٽورنٽ ڏانھن مانجهاندي لاءِ روانا ٿياسين. ان واقعي تي اسان جي ترجيميڪار اسان سان معذرت ڪئي ۽ چيو تہ مان اوھان سان مانيءَ کان پوءِ ملان ٿو. طالبان جي حڪومت کان پھريان ھي ريسٽورنٽ ماڻھن سان ڀريل ھوندو ھو پر ھاڻي ھن جو ڪاروبار ماڻھن جي لڏي وڃڻ جي ڪري گهڻو متاثر رھي ٿو. اسان کاڌي جو آرڊر ڏنو ۽ ڳالھيون ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. اسان اڃان ڳالھ ٻولھ شروع ئي ڪئي ھئي سين تہ ريسٽورنٽ ۾ افراتفري محسوس ٿي. ريسٽورنٽ جي ملازمن درين جا پردا ھيٺ لاھڻ ۽ دريون دروازا بند ڪرڻ شروع ڪيا. پريشان نہ ٿيو ھڪ ملازم فارسي ۾ چيو، اڄ جمعو آھي ۽ جمعي جي نماز جي لاءِ سڀني کي مسجد ۾ ھجڻ گهرجي. اوھان مھمان آھيو ان ڪري اسان اوھانکي ريسٽورنٽ کان ٻاھر وڃڻ جي لاءِ نٿا چئي سگهون. ايندڙ ڏينھن اسان کي وزير داخله ملان عبدالرزاق اخوند سان وزارت داخلہ ۾ انٽرويو ڪرڻو ھو. مون سوچو ھو تہ مان ھن کان ڏاڙھي رکڻ جي حوالي سان سوال ڪندس. جيئن اسان ان جي دفتر پھتاسين تہ معلوم ٿيو وزير صاحب ڪنھن اھم اجلاس ۾ شرڪت جي ڪري اسان کي انٽرويو نہ ڏئي سگهندو، ان جي جاءِ تي نائب وزير داخلہ ۽ انٽيليجينس اڳواڻ ملان عبدالسلام خاڪسار کي چيو ويو تہ ھو اسان سان انٽرويو ڪري. ياد رھي تہ ملان عبدالسلام خاڪسار کي بعد ۾ 14 جنوري 2006 ۾ سندس گهر جي اڳيان قتل ڪيو ويو هو. ٽي وي انٽرويو جو ھڪ الڳ ئي مزو ھوندو آھي، اسان جا ڪيمرہ مين ان جاءِ تي پھريان ئي پھچي ويا جتي انٽرويو رکيل ھيو، سڀئي انتظام مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جڏھن نائب وزير داخلہ آيو تہ سڀ کان پھريان ئي ھن ڪيمرہ کي بند ڪرڻ لاءِ چيو. ان وقت مان ڪيمرہ مين ۽ رپورٽرز جي اکين ۾ مايوسي ۽ اداسي محسوس ڪئي. جڏھن انٽرويو ختم ٿيو تہ مان وزير صاحب کان ڏارھي رکڻ جي باري ۾ سوال ڪيو. ھو ڳالھ سمجهي ويو. توھان کان ان جي باري ۾ ڪنھن پچيو آھي ڇا؟ مان ان حوالي سان ھن سان پوري وارتا بيان ڪئي. ھي سڀ ٻڌي ھن فارسي ۾ ھڪ اھلڪار کي ڪجھ چيو ۽ مون سان مخاطب ٿيندي چيو تہ ھاڻي اوھان سان اھڙو واقعو پيش نہ ايندو. وزير صاحب ھليو ويو ۽ مان انٽرويو کان پوءِ انتظار ڪري رھيو ھيس. ٿوري وقت کان پوءِ اھو اھلڪار آيو ۽ ھڪ ڪاغذ مون کي ڏئي ھليو ويو. ھونئن تہ ھي ھڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو ھو پر ان جي لکت مون کي حيران ڪري ڇڏيو. اصل ۾ ھي ڏاڙھي کان ڇوٽ جو سرٽيفڪٽ ھيو. ھن اھلڪار چيو جڏھن پوليس وارا تون کان ڏاڙھي نہ رکڻ جي باري ۾ سوال ڪن تہ ان وقت ھي سرٽيفيڪٽ انھن کي ڏيکاري ڇڏجاءِ. پر ھو ان کان پوءِ وري ڪڏھن سامھون ئي نہ آيا. يو اين ڪلب ۾ غيرملڪي ماڻھن کي اچڻ جي اجازت ھئي، ڪابل جي خشڪ ماحول ۾ ھي ھڪ گرم ماحول ملڻ جو ھڪ ھنڌ ھو.جنھن بہ ڪابل جو ماحول طالبان جي اچڻ کان پھريان ڏٺو ھوندو تہ ھو اھو ضرور چوندو طالبان جو دور تمام ”خشڪ“ رھيو. ڪابل شھر جون رونقون ختم ٿي ويو. سينيما موسيقي ۽ حجمن جا دڪان بند نظر آيا.
Photo Courtesy BBC

شھر جا اصلي رھاڪو لڏپلاڻ ڪري ويا. پاڪستان جي سفارت خاني کان سواءِ ٻيو ڪو بہ سفارت خانو کليل نہ ھو. ھڪ ڀيرو اسان ڪابل جي چڙيا گهر جي فلم بنديءَ جي ڪوشش ڪئي تہ پوليس اسان جا ڪيمرہ کسي ڇڏيا. پر ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ اسان کي سامان واپس ڏنائون ان شرط تي تہ ٻيھر اھڙي ڪا بہ ڳالھ نظر نہ اچي. سڄو ڏينھن فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي ٿڪاوٽ اسان يو اين ڪلب واري گرم ماحول ۾ ختم ڪندا ھئاسين. ھتي غير ملڪي مرد توڙي عورتون ھڪ ٻئي سان گپ شپ ۾ نظر ايندا ھئا. طالبان جي طرز حڪومت ۾ آزاد ميڊيا جو تصور شيخ چلي جي خيال جھڙو ھيو. يو اين ڪلب ئي افغانستان جي معلومات حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو بڻيو. ھتي غير ملڪي مختلف غير سڪاري ادارن ۽ اقوام متحدہ جي ھيٺ ادارن ۾ ڪم ڪندا رھيا ھي ماڻھو افغانساتن جي مختلف صوبن ۾ اتان جي ماڻھن جي خدمت لاءِ پاڻ پتوريندا رھيا. ھي غير ملڪي آرام ۽ تفريح لاءِ ڪابل ۾ ڪجھ وقت گذاريندا ۽ اسان وانگر يو اين ڪلب ھنن جي لاءِ بہ ھڪ اھڙي جگھ ھئي جتي اھو سڀ ڪرڻ ممڪن بڻيو. طوفان کان پھريان واري خاموشي وانگر ڪابل ۾ ڏھ ڏينھن رھڻ جي دوران مون کي ھن شھر ۾ ھڪ خاموشي محسوس ٿي. ائين محسوس پئي ٿيو جئين ڪو وڏي واقعي جو سوگ ھجي يا وري ڪو وڏو واقعو ٿيڻ واور ھجي. 14 اپريل 2001 تي اسان طورخم جي رستي واپس پاڪستان ۾ داخل ٿيا سين. منھنجي لاءِ ھي دورو گذريل سڀني دورن کان وڌيڪ معني وارو رھيو. طالبان ڪنھن بہ قسم جي تڪليف جوسبب نہ ٿيا، جيتوڻيڪ طالبان ۽ ميڊيا رپورٽ افغانستان ۾ ميڊيا جي حوالي سان انھن جو چھرو دنيا جي اڳيان ظاھر ڪيو. ان رپورٽ جي حوالي سان جيترو مون کي پريشان پنھنجي ملڪ جي انٽليجنس ادارن ڪيو، افغانستان ۾ تر جي برابر بہ ان حوالي سان مون کي پريشاني نہ ٿي. ان دوري کان پوءِ پنج مھينا بہ نہ گذريا ۽ اھا خاموشي جيڪا مون ڪابل ۾ محسوس ڪئي اھا 11 سيپٽيمبر تي آمريڪا ۾ دھشت گردي جي صورت ۾ نظر آئي ۽ ان سان گڏوگڏ طالبان جي حڪومت بہ پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتي. ان ڳالھ کي تقريبن 20 سال گذري ويا آھن ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر طالبان ڪابل تي فاتح جي صورت ۾ داخل ٿيا آھن. مون کي ھاڻي وري اھو خدشو آھي تہ وري مون کي افغانستان جي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ افغان سفارت خاني نہ وڃڻو پئي؟(سينئر صحافي اقبال خٽڪ هي مضمون بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو)

پهنجو تبصرو موڪليو