نيب مفتاح ۽ شيخ جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايل اين جي ڪيس ۾ ناڻي واري اڳوڻي مسلم ليگ (ن) جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي شيخ عمران الحق کي خميس ڏينهن ڊيوٽي مئجسٽريٽ طاهر محمود جي عدالت ۾ پيش ڪري ٻنهي جو 11 ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو. جج ٻنهي جي گرفتاري جو سبب پڇيو ته جاچ آفيسر وارنٽ عدالت ۾ پيش ڪيا ۽ ٻنهي جي ميڊيڪل رپورٽ به پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ٻئي تندرست آهن. عدالت 11 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي کين 19 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.  ياد رهي ته ٻنهي کي ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ۾ واڌ نه ملڻ تي نيب عدالتي ڪمري کان ٻاهر ايندي ئي گرفتار ڪري ورتو هو. هنن تي الزام آهي ته ايل اين جي ٽرمينل جي ٺيڪي ۽ خريداري ۾ ڄاڻي واڻي قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان پهچايو آهي. ايل اين جي ڪيس ۾ ان وقت جو پيٽروليم وارو وزير ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اڳ ۾ ئي نيب وٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو