ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ نواز شريف جناح اسپتال کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل

 لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جناح اسپتال کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو. نواز شريف کي طبعيت ۾ خرابي سبب 15 فيبروري تي ڪوٽ لکپت جيل کان جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هو 9 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کانپوءِ واپس جيل پهچي  ويو آهي. نواز شريف ضمانت نه ٿيڻ تي واپس جيل وڃڻ جو فيصلو ڪيو. جناح اسپتال کان سندس جيل منتقلي وقت ن ليگ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ان کان اڳ نواز شريف سان شهباز شريف ۽ مريم نواز ملاقات پڻ ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو