ضلع ڪائونسل جون ڊسپينسريون عوام کي لاڀ نه ڏئي سگهيون

ملير(دريا خان شر) ڪراچي ۾ 3 ضلعن ملير، اولهـ، اوڀر ۾ موجود سمورين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين صحت کاتي طرف ڪا به توجهـ نه ڏني وئي جنهن جو سڀ کان وڏو ثبوت موجوده ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ موجود 42 ڊسپينسرين جي حالت انتهائي خراب ڊاڪٽرن ۽ دائون وانجهايل صحت جا هي ادارا گذريل شهري حڪومت جي 16 سالن جي دور ۾ مڪمل تباهـ ٿي ويا آهن. مليل انگن اکرن مطابق 42 ڊسپينسرين مان 22 ڊسپينسريون بند آهن. جڏهن تـ رڪارڊ ۾ کليل 8 ڊسپينسرين جي عمارتن جي حالت انتهائي زبون آهي جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عملي ويهڻ ڇڏي ڏنو آهي جڏهن تـ صرف 12 اهڙيون ڊسپينسريون آهن جيڪي نالي ماتر کليل آهن جن ۾ ڊسپينسر ڳاڙهي دوا ۽ اڇن گورين تي ويٺل آهن. ٻهراڙين ۾ رهندڙ پورهيت طبقي جا غريب ماڻهو صحت جون سهوليتون نـ هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي چيف ميڊيڪل آفيسر سان رابطو ڪيو ويو تـ هن اقرار ڪندي ٻڌايو ته ٻهراڙين جي ڊسپينسرين جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ماضي جي شهري حڪومت جو رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو تـ مون وٽ گاڏي جي سهوليت ناهي جنهن سبب ٻهراڙين جي ڏورانهن علائقن ۾ موجود ڊسپينسرين جي پرگهور لهڻ ۾ سخت ڏکيائي کي منهن ڏئي رهيو آهيان. مليريا، ڪاري سائي، چڪن گونيا ۽ مختلف بيمارين جو وائرس تيزي سان ٻهراڙين وارن علائقن ۾ پکڙجي رهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو