ضلعي ۾ 6 ڏينهن اندر سوا 2 لک کان مٿي ويڪسينيش

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) ضلعي ۾ صرف ڇهن ڏينهن ۾ 2 لک 26 هزار ماڻهن کي ڪووڊ ويڪسين لڳائڻ تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان پاران روينيو تعليم ۽ صحت سان لاڳاپيل سڀني ادارن پي پي ايڇ آئي اين جي اوز ليڊي هيلٿ ورڪرن، ويڪسينيٽرن، ۽ ڊاڪٽرن کي مبارڪ باد ڏني هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪووڊ خلاف جدوجهد تي سمورن ادارن جون ڪوششون قابل تعريف آهن هن چيوته ڪووڊ خلاف سب هڪ ٽيم آهيون ۽ مون کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي هن چيوته محدود وسائل هوندي به بلند حوصلن سان ڪووڊ خلاف جنگ جاري رهندي هن چيوته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن سڀني جي محنت ۽ ڪوششن سان ڪووڊ جو مڪمل خاتمو آڻينداسين. هن چيوته بهترين بهترين پلاننگ جي بدولت صرف ڇهن ڏينهن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهن جي ويڪسينينشن ڪئي وئي ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان ٻڌايو آھي ته پهرين نومبر کان ڇھ نومبر تائين 2 لک 26 هزار ماڻھن کي ويڪسين ڪئي ويئي آھي جڏهن ته ويڪسين مهم جي مقرر حد کان 65 سيڪڙو وڌيڪ ڪاميابي ٿي آھي ڊي سي ٻڌايو ته پهرين نومبر کان ڇھ نومبر تائين ويڪسين جو پهريون ڊوز هڪ لک 21 هزار 397 ماڻھن کي ويڪسين لڳائي ويئي جڏهن ته 78 هزار 629 ماڻھن کي ٻيو ڊوز ويڪسين ڪئي ويئي هن ٻڌايو ته بدين ضلع ۾ هيستائين 9 لک 46 هزار 779 ماڻھن کي ويڪسين ڪئي ويئي ۽ آھي بدين ضلع کي 11 لک 17 هزار 298 ڪورونا ويڪسين ڊوز مليا آھن جن مان هن وقت هڪ لک 52 هزار 560 ڊوز موجود آھن ڊي سي آغا شاهنواز خان ٻڌايو ته ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ويڪسين نه ڪرائڻ تي ڪيترا دڪان ۽ هوٽلون سيل ڪيا ويا ۽ گرفتاريون پڻ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو