ضلعي صدر مقرر ٿيڻ تي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان؛ بابر لنڊ

ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران لنڊ قبيلي جي سرداري گهراڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان سياست دان مير بابر علي خان لنڊ کي ضلع صدر مقرر ڪرڻ کانپوءِ ضلع گهوٽڪي جي پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام پاران مبارڪون پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ان موقعي تي ضلع صدر بابر علي خان لنڊ سنڌ يار سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارٽي قيادت پاران ضلعي صدر مقرر ڪرڻ منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جڏهن ته پارٽي جي اهڙي فيصلي تي انتهائي خوشي محسوس ڪريان ٿو. ضلع گهوٽڪي ۾ پارٽي ڪارڪنن ۾ اختلاف واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ضلعي اندر پارٽي ڪارڪنن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به اختلاف ناهي ان وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي ضلع اندر مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار رهندس. واضح رهي ته مير بابر علي خان لنڊ جو تعلق لنڊ قبيلي جي سرداري گهراڻي سان آهي جڏهن ته ضلعي اندر لنڊ قبيلي جو ووٽ ڪنهن به سياسي پارٽي ۽ اميدوار لاءِ هڪ وڏي اهميت رکي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو