ضلعي انتظاميا پاران ٽينٽ جا بل نه ڏيڻ خلاف احتجاج

گهوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)ضلعي انتظاميا طرفان مختلف سرڪاري پروگرامن، احساس سينٽر ۽ رمضان بچت بازار ۾ استعمال ڪيل ٽينٽ جي رقم نه ڏيڻ خلاف ٽينٽ مالڪ سميت مختلف سياسي , سماجي اڳواڻن پاران پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرو ڪندڙن گهوٽڪي انتظاميه خلاف سخت نعري بازي ڪئي،  ٽينٽ مالڪ وزير احمد ڪلوڙ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ اڪرم ٿهيم , رشيد سنڌي , حبيب الله گهوٽو , ثناء الله ڪليري , وهاب سهتو , اڪبر عارباڻي , غلام قادر ڪوري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته 4 مهينا پهرين اڳوڻي اي سي ماجد علي ماڪو جي حڪم تي ايس ڊي ايم آفيس جي عملدار عقيل احمد ڪلوڙ ۽ ڪلارڪ پنجل ميراڻي وزير ٽينٽ سروس تان ڊي سي اسڪول ۾ قائم احساس سينٽر لاء ٽينٽ جو مختلف سامان کڻي ويا , جڏهن ته هنن رمضان بچت بازار لاء پڻ ٽينٽ جو سامان کڻي ويا , پر ان جي رقم 5 لک 15 هزار اڄان تائين ناهي ملي سگهي , هنن چيو ته ٽينٽ جي رقم وصول ڪرڻ لاء اسان اي سي گهوٽڪي ۽ سي ايم او گهوٽڪي وٽ بار بار ويا سين پر هنن رقم ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو , جڏهن بعد اسان اهڙي دانهن اسان ڊي سي گهوٽڪي ڏي کڻي وياسين هن سي ايم او گهوٽڪي رضا حسين کوسي ڏي موڪليو جنهن سان ملياسين پر هن بي جواب ڏيئي ڇڏيو , هنن چيو ته ڪامورا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪن ٿا پر اسان مسڪينن کي پنهنجي حق جي رقم نٿي ڏني وڃي , ان موقعي تي شهرين سنڌ سرڪار , هتان جي چونڊيل نمائندن سميت ڊي سي گهوٽڪي کان گهر ڪئي ته فوري طور اسان مسڪينن کي رقم ڏياري , ڪرپٽ ڪامورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو