ضلعو بچايو تحريڪ پاران 10 جون تي مارچ جو اعلان

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون) بدين جي پاڻي لاء ضلعو بچايو تحريڪ پاران 10 جون تي تلهار کان حيدرآباد تائين ٿيندڙ پيادل لانگ مارچ جي جي يو آئي ( ف) سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو پاران مڪمل حمايت سان گڏ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جي يو آئي ( ف ) بدين جي مارو ماڻهن سان گڏ آهي هنن پنهنجي ڪارڪنن لاء پيغام ڏيندي چيو ته اهي هن لانگ مارچ جي وک وک تي آجيان ڪرڻ سان گڏ ان ۾ ڀرپور شرڪت ڪن۔ ڊاڪٽر راشد محمود سومرو چيو ته هو پاڻ به مارچ ۾ شامل ٿي پياسي بدين جي پاڻي لاء عملي طور جدوجهد ۾ شامل ٿيندو۔ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو صاحب ڏهين جون تلهار کان سيڊا آفيس حيدرآباد تائين ضلعو بچايو تحريڪ جي پيادل لانگ مارچ جي ڀرپور حمايت ڪندي وک وک تي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ ڪارڪنن کي ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آھي۔ مولانا راشد محمود سومرو ۽ قومي عوامي تحريڪ ۽ سندس سربراھ جا ٿورائتا آهيون جنهن بدين ضلعي جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف اسان جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي۔ ضلعو بچايو تحريڪ بدين۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو