صوفي قادر بخش بيدل جو عرس شروع، سگهڙ ڪچهري

سکر(جیرام داس) عظيم صوفي شاعر، عالم ۽ عارف فقير قادر بخش بيدل جو 151 هون ساليانو عرس روهڙي ۾ شروع ٿي ويو. 18 کان 20 جولاءِ تائين مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. عرس جو افتتاح ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو ڪیو. عرس جي پهرين ڏهاڙي صبح جو محفل سماع ۽ بعد ۾ سگهڙ ڪچهري منعقد ڪئي وئي. عرس جي ٻئي ڏهاڙي مهندي جي رسم رات جو 8  وڳي ۽ صوفياڻو راڳ رات جو 9 وڳي، جڏهن ته عرس جي آخري ڏهاڙي 20 جولاءِ تي شام جو مشاعرو، ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رهاڻ بيدل آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو