صنعتن کي رعايتي بجلي فراهم ڪبي، لاڪ ڊائون نه ٿيندو، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان معيشت جي بحالي لاءِ ملڪ ۾ وڏين، وچولين ۽ ننڍين صنعتن کي 25 کان 50 سيڪڙو رعايتي بجلي فراهمي جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته گهڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي پهرين نومبر کان جون مهيني تائين 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي مهيا ڪئي ويندي، وڏين صنعتن کي گهڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي 2019ع جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو رعايت سان بجلي ڏني ويندي، مجموعي طور سمورين صنعتن کي ايندڙ ٽن سالن تائين رعايت سان بجلي مهيا ڪئي ويندي، هاڻي سمورين صنعتن کي 24 ڪلاڪ ساڳئي اگهه تي بجلي ملندي پِيڪ آورز ۾ مهانگي بجلي جي ڇوٽ به کين ڏني وئي آهي. توانائي شعبي لاءِ خصوصي پيڪيج جي اعلان دوران وزيراعظم چيو ته ڏکئي وقت مان نڪري ويا آهيون، پر ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت ۽ عوامي جاين تي ماسڪ لازمي طور پائڻ گهرجي.اجلاس ۾ اين سي او سي جي ايس او پيز جي منظوري ڏيندي چيو ته ڪورونا وڌڻ جي صورت ۾ به لاڪ ڊائون ڪري معيشت جو ڦيٿو روڪڻ ۽ ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ نٿا چاهيون، وبا وڌي وئي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ڪنداسين، شادي هالن، هوٽلن، پبلڪ پارڪس ۽ عوامي جاين تي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو