صنعان کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار زرداري ۽ ملڪ هوند، ناياب

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور سماجي اڳواڻ قادر چانڊيو ۽ جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ ناياب سرڪش صنعان خان قريشي جي آزادي لاءِ ڪارڪنن سان گڏجي ڪشمور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جي شروعات ڪندي قافلو ڪراچي طرف روانو ٿي ويو قادر چانڊيو ناياب سرڪش پريس ڪلب ڪشمور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جون نياڻيون ڀينرون غيرت مند سنڌي سنڌ جا وارث آهن صنعان قريشي اسان جو محبوب اڳواڻ آهي 14 ڏينهن جي ريمانڊ وٺڻ بعد مختلف حربا استعمال ڪري ضمانتون نه ٿيڻ لاءِ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪڏهن صنعان قريشي کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض ھوندا. هنن چيو ته اسانجو پيادل مارچ  ۾ روزاني 19 ڪلو ميٽر پنڌ ڪيو ويندو آهي. مارچ 28 ڏينهن اندر ڪراچي پھچندو صنعان خان قريشي جي آزادي تائين پرامن احتجاج جاري رکيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو